Taqwa Kesay Milay

Book Name:Taqwa Kesay Milay

جيڪڏهن روزا رکڻ جي باوُجود به تقويٰ ناهي ملي رهيو، نَفس پهريان به سَر ڪش هو، هاڻي به سرڪش ئي آهي، ان جو زور نه پيو ٽُٽي، ته اسان کي پنهنجو روزو رکڻ جو انداز چيڪ ڪرڻو پوندو، ڇوته الله پاڪ جو ڪلام، پاڪيزه قرآن ته سچو آهي، جڏهن قرآن فرمائي ٿو ته روزي جي ذريعي تقويٰ ملي ٿي، پر اسان کي نه ملي رهي آهي ته يقيناً اسان جي روزي رکڻ جي انداز ۾ ئي ڪجھ ڪمي آهي۔

اها ڪمي ڪهڙي آهي؟ ۽ ان کي ڪيئن پري ڪرڻو آهي؟ ان جي لاءِ حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ”ڪشۡفُ المَحجُوب“ ۾ روزي بابت گفتگو ڪندي هڪ مختصر نصيحت ذِڪر ڪئي آهي، فرمائن ٿا: مون کي خواب ۾ سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي نصيحت فرمايو! رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن 2 لفظن جي نصيحت فرمائي، ارشاد فرمايائون: اِحْبِسْ حَوَاسَکَ (يعني اک، ڪن، زبان، هٿ ۽ پيرن وغيره) کي قيد ڪري وٺو۔ (کشف المحجوب، ساتواں کشف: روزے کے بیان میں، صفحہ:469)

سُبْحٰنَ الله! مڪي مديني جي سردار، غيبن تي خبردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اهڙي فصاحت ۽ بلاغت تي قربان! خواب ۾ اچي به اهڙي ڪمال نصيحت فرمائي جو دريا کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه خوب ارشاد فرمايو:

میں نثار تیرے کلام پر ملی یوں تو کس کو زباں نہیں

وہ سخن ہے جس میں سخن نہ ہو،  وہ بیاں ہے جس کا بیاں نہیں

(حدائق بخشش، صفحہ:107)

  وضاحت: يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! زبان ته سڀني کي ملي آهي پر مان اوهان جي پاڪيزه ڪلام تي قربان! اوهان جي زبان مبارڪ مان نڪتل هڪ هڪ لفظ اهڙو بهترين ۽ سچو آهي، ڪنهن جي مجال ئي ناهي جو ان مان عيب