Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

پريشانين ۽ تنگين کان نجات

حضرتِ سَيدُنا عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي ته محبوبِ ربِّ ذوالجلال ، پيڪرِ حُسن و جمال صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ دلنشين آهي : جنهن استغفار کي پنهنجي مٿان لازم ڪري ورتو الله پاڪ ان جي هر پريشاني دور فرمائيندو ۽ هر تنگي کان ان کي راحت عطا فرمائيندو ۽ ان کي اهڙي جڳھ کان رزق عطا فرمائيندو جتان کان ان کي گمان به نه هوندو. (سُنَن ابن ماجہ ج۴ ص۲۵۷ حدیث۳۸۱۹) پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ئي فرمان آهي ته جيڪو هن ڳالھ کي پسند ڪري ٿو ته ان جا اعمالنامه ان کي خوش ڪن ته ان کي گهرجي ته ان ۾  استغفار جو اضافو ڪري. (مَجْمَعُ الزَّوَائِد ج۱۰ ص۳۴۷حدیث۱۷۵۷۹) ۽ هڪ مقام تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خوشخبري ڏيندي ارشاد فرمايو ته خوشخبري آهي ان جي لاءِ جيڪو پنهنجي اعمالنامي ۾ استغفار کي ڪثرت سان موجود ڏسي. (سُنَن ابن ماجہ ج۴ ص۲۵۷حدیث۳۸۱۸)

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان ته استغفار جي برڪت سان دلين جي زنگ جي صفائي ٿيندي آهي ، استغفار جي برڪت سان پريشانين ۽ تنگين کان نجات ملندي آهي ، استغفار جي برڪت سان ٻانهي کي اعمالنامو خوش ڪري ڇڏيندو ، ڪثرت سان استغفار ڪرڻ واري جي لاءِ خوشخبري آهي ، تنهنڪري جلدي ڪريو ۽ ربِّ ڪريم جي حضور سچي توبه ڪري اچڻ واري زندگي کي الله پاڪ ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خوشنودي جي لاءِ سنت تي عمل ڪندي گذاريو الله پاڪ اسان کي سچي پڪي توبه جي توفيق نصيب فرمائي.

استغفار جو ڇا  مطلب آهي؟

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان توبه ڪرڻ جا ڪجھ فضائل ٻڌا! هاڻي اچو! اهو به ڄاڻون ٿا ته استغفار يا توبه چئجي ڇاکي ٿو؟ استغفار جو مطلب ڇا آهي الله پاڪ کان پنهنجي گناهن سبب شرمنده ٿيندي ۽ آئندي گناھ نه ڪرڻ جو پڪو