Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

يعني رزق جي ڪثرت ۽ حصولِ اولاد جي لاءِ استغفار جو بڪثرت پڙهڻ قرآني عمل آهي.

حَسنِ مجتبیٰ سَیِّدُ الْاَسْخِیَا                                                                                                               راکبِ دُوشِ عزّت پہ لاکھوں سلام

(حدائقِ بخشش : ص309) 

شعر جي مختصر وضاحت : آقا ڪريم جي ڪلهن جو سُوار ، جگر گوشهِ بتول ، سَيّدُالاسخياء ، ابنِ علي شيرِخدا ، حضرت حسن مجتبي رَضِىَ الله عَـنْهُ سراپا عزت و عظمت (رسولِ خدا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي مبارڪ ڪلهن تي سواري ڪرڻ  واري تي به لکين سلام هجن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت امام حسن بصري ۽ استغفار جو وظيفو

منقول آهي ته حضرت خواجه حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ هڪ شخص آيو ۽ ان بارش جي گهٽتائيءَ جي شڪايت ڪئي ، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کي استغفار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ، ٻيو شخص آيو ۽ ان تنگ دستي جي شڪايت ڪئي ته ان کي به اهو ئي حڪم فرمايو ، پوءِ ٽيون شخص آيو ۽ اُن نسل گهٽ ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ته ان کي به اهو ئي فرمايو ، پوءِ چوٿون شخص آيو ۽ ان پنهنجي زمين جي پيداوار گهٽ ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ته ان کي اهو ئي فرمايو. حضرت ربيع بن صبيح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اُتي حاضر هئا ، عرض ڪرڻ لڳا : اوهان وٽ ڪجھ ماڻهو آيا انهن طرح طرح جون حاجتون پيش ڪيون ، اوهان سڀني کي هڪ ئي جواب ڏنو ته اِستِغۡفار ڪريو ان جو ڇا سبب آهي؟ ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي سامهون هي آيتون پڙهيون :