Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

مسائل ۽ پريشانيون درپيش اچن ته پنهنجي پير و مرشد جي بارگاھ ۾ حاضري ڏيون ، الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن کان دُعا ڪرايون ، عاشق رسول مسجد جي امام کان دعا ڪرايون.  

اِستغفار ڪرڻ جا فضائل

 پيارا اسلامي ڀائرو! توبه اهڙو عمل آهي جنهن جي ڪرڻ جو حڪم الله پاڪ قرآنِ ڪريم جي سيپاري5 ، سورة نساء جي آيت 106 ۾ ارشاد فرمايو :

وَّ اسْتَغْفِرِ اللّٰهَؕ-اِنَّ اللّٰهَ كَانَ غَفُوْرًا رَّحِیْمًاۚ(۱۰۶)

تَرْجمو ڪنزالايمان :   ۽ الله کان معافي گهرو بيشڪ الله بخشڻهار ۽ مهربان آهي.

قرآن و حديث ۾ استغفار ڪرڻ جا ڪيئي فضائل موجود آهن ، اچو! توبه جي  فضائل و فوائد تي مشتمل ڪجھ قرآني آيتون ۽ حديثون ٻڌون ٿا : جيئن ته سيپاري 19 سورة فرقان جي آيت نمبر 70 ۾ ارشادِ باري تعاليٰ آهي :

اِلَّا مَنْ تَابَ وَ اٰمَنَ وَ عَمِلَ عَمَلًا صَالِحًا فَاُولٰٓىٕكَ یُبَدِّلُ اللّٰهُ سَیِّاٰتِهِمْ حَسَنٰتٍؕ-وَ كَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِیْمًا(۷۰)

تَرْجمو ڪنزالايمان :  مگر جيڪو توبه ڪري ۽ ايمان آڻي ۽ چڱا ڪم ڪري پوءِ اهڙن جي براين کي الله چڱاين سان بدلي ڇڏيندو ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سبحان الله! توبه ڪرڻ وارو ڪيترو نه خوشنصيب آهي ان جي برائين کي رڳو معاف ئي نه بلڪ نيڪين ۾ تبديل به ڪيو ويندو آهي. ۽ اسان تي اسان جي مائرن کان وڌيڪ رحمت ڪرڻ وارو اسان جو خالق و مالڪ توبه ڪرڻ تي اسان کي پنهنجي محبت سان به نوازيندو آهي جيئن ته سيپاري 2 سورة بقره جي آيت نمبر 222 ۾ ارشاد ٿئي ٿو.