Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

اِنَّ اللّٰهَ یُحِبُّ التَّوَّابِیْنَ

تَرْجمو ڪنزالايمان : بيشڪ الله گهڻي توبه ڪندڙن سان محبت ڪندو آهي

۽ توبه ڪرڻ وارن کي هڪ انعام اهو به عطا ڪندو آهي ته ان کان عذاب دور ڪري ڇڏيندو آهي جيئن سيپاري 9 ، سورة انفال جي آيت نمبر 33 ۾ ارشاد ٿئي ٿو :

وَ مَا كَانَ اللّٰهُ مُعَذِّبَهُمْ وَ هُمْ یَسْتَغْفِرُوْنَ

تَرْجمو ڪنزالايمان : ۽ نه ئي الله انهن کي عذاب ڏيڻ وارو آهي جيسيتائين جو اهي بخشش گهرندا هجن.

علامہ علي بن محمد خازن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا هن آيت مان ثابت ٿيو ته استغفار عذاب کان امن ۾ رهڻ جو ذريعو آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دلين جي ڪٽ جي صفائي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اسان جي رحيم و ڪريم پروردگار کي اسان جي توبه ڪرڻ ڪيتري قدر پسند آهي ۽ اهو توبه ڪرڻ تي ڪيتريون نه رحمتون فرمائيندو آهي جو اهو گناهن کي نيڪين ۾ به تبديل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ استغفار ڪرڻ واري کي پسند فرمائيندي ان کان عذاب کي به دور رکندو آهي. اچو! ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زباني توبه جا ڪجھ فضائل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا جيئن ته حضرتِ سَيدُنا انس رَضِىَ الله عَـنْهُ کان روايت آهي ته محبوبِ ربُّ العٰلمين ، جنابِ صادق و امين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ دلنشين آهي : بيشڪ لوھ وانگر دلين کي به ڪٽ لڳي ويندي آهي ۽ ان جي صفائي اِسۡتِغۡفار ڪرڻ آهي. ( مَجْمَعُ الزَّوَائِد ج۱۰ ص۳۴۶ حدیث۱۷۵۷۵)