Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

خبرون. مڪتبة المدينه کان جاري ٿيندڙ ڪتابن ۽ رسالن ، مدني چينل جي پروگرامن “ مدني خبرن “ ۽ ماهوار رسالي فيضانِ مدينه وغيره مان به معلوم ٿينديون رهنديون آهن.   

   گناهن کان توبهه جي برڪت سان ڪنهن کي حج ۽ عمري جي سعادت حاصل ٿئي ، گناهن کان توبهه جي برڪت سان ڪنهن سنتون سکڻ سيکارڻ جي جذبي جي تحت الله پاڪ جي راهه ۾ مدني قافلن ۾ سفر ڪيو ، گناهن کان توبهه جي برڪت سان ڪنهن کي مدني انعامات تي عمل جي سوغات ملي ، گناهن کان توبهه جي برڪت سان ڪنهن کي مختلف مدني ڪورس ڪرڻ جو موقعو مليو ، گناهن کان توبهه جي برڪت سان ڪنهن کي دعوت اسلامي جي مدني ڪمن جي تنظيمي ذميداري ملي ، گناهن کان توبهه جي برڪت سان ڪنهن کي امامت جو مصلو مليو ، گناهن کان توبهه جي برڪت سان ڪنهن کي تدريس جي مسند ملي ، مطلب ته اهڙا ڪيئي بيشمار واقعا آهن جو جن کي توبهه جي برڪت سان حقيقي معنٰي ۾ دينِ اسلام جي سمجهداري نصيب ٿئي.

   پيارا اسلامي ڀائرو! گناهن کان سچي توبهه نصيب ٿيڻ به تمام وڏي سعادتمندي آهي ، پر هڪ تعداد اهڙي به آهي جو توبهه ڪرڻ کان بعد برن دوستن جي دوستين يا بري ماحول جي سبب ٻيهر گناهن ۾ وڃي پوندي آهي ، اي ڪاش! جو دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان اسان جي وابستگي اهڙي مظبوط ٿئي وڃي جو گناهن کان توبهه ڪرڻ بعد اسان ٻيهر گناهن ڀري ماحول کان بچيا رهون بلڪ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو اهڙو جذبو نصيب ٿئي وڃي جو اسان پاڻ به نيڪ اعمال ڪرڻ سان گڏو گڏ ٻين کي به گناهن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.  

ڪلمه اينڊ دعا (Kalmah & Du’a) اَيپ تعارف

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي هن جديد دور ۾ هر شعبي بلڪ هر طبقي جي ماڻهن ۾ نيڪي جي دعوت عام