Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي استغفار جي حڪمت

مشهور مفسرِ قرآن ، مفتي احمديار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا : توبه و استغفار ، نماز ، روزي جي طرح عبادت آهي ، انهيءَ ڪري حضوُر انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  بڪثرت توبه و استغفار ڪندا هئا. نه ته حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  معصوم آهن ، گناھ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجهو به ناهي ايندو ، صوفياء ڪرام فرمائن ٿا ته اسان ماڻهو گناھ ڪري توبه ڪريون ٿا ۽ اهي حضرات عبادت ڪري توبه ڪندا آهن. (زاهد گناھ جي ڪري توبه ڪندا آهن ۽ عارف ماڻهو عبادت ڪري استغفار ڪندا آهن.) يا وري پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اهو عمل تعليمِ امّت جي لاءِ هو. (ملخصاً اذ مراٰةالمناجیح ، ۳ / ۳۵۳)

مجھے سچی توبہ کی توفیق دیدے                                   پئے تاجدارِ حرم یا اِلٰہی

(وسائلِ بخشش ، ص110)

 اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي هڪ مشهور ولي حضرت سيدنا مالڪ بن دينار جي سچي توبهه جو واقعو ٻڌون ٿا ، الله پاڪ ان جي صدقي اسان کي سچي توبهه جي توفيق عطا فرمائي.

حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي توبهه

جيئن منقول آهي ته حضرت سيدنا مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه (توبهه کان پهريان) نشي جا عادي هئا ، سندن توبهه جو هي سبب بڻيو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ڌيءُ کان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا ، ان جو انتقال ٿيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شعبان جي پندرهين رات خواب ڏٺو ته سندن جي قبر مان تمام وڏو نانگ نڪري سندن ڏانهن وڌندو پيو اچي ، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جڏهن تيز هلڻ لڳندا هئا ته هو به تيز ٿي ويندو هو ، پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ڪمزور پوڙهي شخص وٽان لنگهيا ته انهن کي چيائين : “ مون کي هن نانگ کان بچايو “ انهن جواب ڏنو. مان ڪمزور آهيان ، رفتار تيز ڪيو شايد تيزيءَ سبب ان کان نجات ملي وڃي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه