Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

اسان جي ذهن ۽ دماغ ۾ گناھ جو خيال به نه اچي. اي ڪاش! جو اهڙي توبه نصيب ٿئي جو وري ڪڏهن به ڪنهن جي باري ۾ اسان کان غيبت ، چغلي ۽ بدگماني نه ٿئي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو سڀ کان پهريان موليٰ مشڪل ڪشا کَرَّمَ اللہُ وَجْہَہُ الْکَرِْیم جي پٽ ، خاتونِ جنت جي لختِ جگر ، نبين جي نبي ، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نواسي حضرت سيدُنا  امام حسنِ مجتبيٰ جي هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿا :

  حضرت سيدُنا امام حسن مجتبي رَضِىَ اللهُ   عَـنْهُ ۽  توبه و استغفار

حضرت سيدُنا امام حسن مجتبي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ هڪ ڀيرو اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ وٽ تشريف وٺي ويا ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن کي حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي هڪ ملازم عرض ڪيو ته مون وٽ مال و دولت ته آهي پر اولاد جي نعمت کان محروم آهيان ، مون کي ڪا اهڙي شيءِ ٻڌايو ، جنهن سان الله پاڪ مون کي اولاد ڏئي. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمايو : اِسۡتغۡفار پڙهندا ڪيو. ان استغفار جي ايتري ته ڪثرت ڪئي جو روزانو ست سئو (700) ڀيرا استغفار پڙهڻ لڳو. ان جي برڪت سان ان شخص کي ڏھ پٽ ٿيا ، جڏهن ان ڳالھ جي خبر اميرِ مُعاويه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي پئي ته انهن ان شخص کي فرمايو ته تو حضرتِ امام حسن رَضِىَ الله عَـنْهُ کان هيءُ ڇو نه پڇيو ته هيءُ عمل اوهان ڪٿان فرمايو. ٻئي ڀيري جڏهن ان شخص جي حضرت امام حسن مجتبي رَضِىَ الله عَـنْهُ سان ملاقات  ٿي ته ان اهو پڇيو. حضرت امام حسن رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمايو ته اوهان حضرت هود عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جو قول ناهي ٻڌو ته انهن فرمايو یَزِدْكُمْ قُوَّةً اِلٰى قُوَّتِكُمْ (تَرْجمو ڪنزالايمان : ۽ توهان ۾ جيتري طاقت آهي ان کان اڃان وڌيڪ ڏيندو) ۽ حضرت نوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جو هي ارشاد ناهي ٻڌو : یُمْدِدْكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّ بَنِیْنَ  (تَرْجمو ڪنزالايمان :   مال ۽ پٽن سان توهان جي مدد ڪندو)