Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

کان ساھ جي مَرَض ۾ مُبتَلا هيس۔ ڪڏهن ڪڏهن بيماري جي شِدَّت جي ڪري مونکي گھڻي تڪليف جو منهن ڏسڻو پوندو هو ، ڪڏهن ته آڌي رات جو طبيعت بگڙجي ويندي هئي ته انهيء وَقت ڊاڪٽر (Doctor) وٽ وڃڻو پوندو هو۔ مطلب ته مان تمام گهڻو پريشان رهندو هيس. عِلاج سان وقتي طور ته آرام اچي ويندو هو پر مونکي مستقل سڪون ميسر نه هو۔ منهنجي خوش قسمتي جو هڪ ڀيرو عاشقانِ رسول جي همراهه ٽن (3) ڏينهن جي مَدَني قافِلي ۾ سفر جي سعادت حاصِل ٿي. مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان جتي اُنهن جا ڏينهن رات عبادتِ الٰهي ۾ گذريا ، علمِ دين حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ اتي انهن کي ٻيون بَرڪتون به نصيب ٿيون۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه مَدَني قافلي جي دوران اُنهن ٽن ڏينهن ۾ نه ئي انجيڪشن جي حاجت پيش آئي ۽ نه ئي ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو بلڪ اتي اهڙو اِطمينان ۽ سُڪون مليو جو ان کان پهريان ڪڏهن نه مليو هو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان اُنهن جي 19سال پُراڻي مَرَض ۾ واضح ڪمي آئي۔

دور بیماریاں اور پریشانیاں                                            ہوں گی بس چل پڑیں ، قافِلے میں چلو

(وسائلِ بخشش مرمم ، ص۶۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوت اسلامي جون مدني بهارون

اي عاشقانِ رسول! دعوت اسلامي جو مدني ماحول اهڙو پاڪيزه ۽ نيڪين وارو ماحول آهي جو جنهن جي برڪت سان لکين عاشقانِ رسول کي گناهن کان توبهه جي سعادت ملي آهي. هن ڳالهه جو اندازو لڳائڻ به مشڪل آهي جو ڪنهن ڪنهن کي دعوت اسلامي جو مدني ماحول ملڻ ۽ گناهن کان توبهه ڪرڻ سان ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون حاصل ٿيون ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون حاصل ٿي رهيون آهن. اهڙيون ڪيتريون ئي مدني بهارون ۽ انقلاب جون مدني