Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

آهي ، ڇو ته نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ کان گناهن کان نفرت ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو آهي ، في زمانه عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جو مدني ماحول ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي ، تنهنڪري جيڪڏهن اوهان چاهيون ٿا ته اسان نيڪ بڻجي ايمان جي حفاظت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ته اڄ ئي دعوت اسلامي جي مدني ماحول کان وابسته ٿي اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿي وڃو ۽ سنتن جون ڌومون مچائڻ جي لاءِ 12 مدني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو.  

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم “ مدني قافله “

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم “ مدني قافله “ به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ مدني قافلن جي برڪت سان ماڻهن جي زندگين ۾ مدني انقلاب پيدا ٿي ويندو آهي. مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ سان نيڪ ماڻهن جي صحبت ميسر ايندي آهي. مدني قافلي جي برڪت سان مسجدن ۾ نفل اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي. مدني قافلي جي برڪت سان بي نمازين کي نمازن جي اهميت معلوم ٿيندي آهي. مدني قافلي جي برڪت سان ڪيترا ئي ديني مسئلا سکڻ جي سعادت ملندي آهي. مدني قافلن جي برڪت سان مسجدن ۾ ذڪر و اذڪار ، درس و بيانات جو سلسلو جاري رهندو آهي. مدني قافلي جي برڪت سان مسجدون آباد ٿينديون آهن.  

الله پاڪ کي راضي ڪرڻ ، علمِ دين حاصل ڪرڻ ۽ ثواب جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر ڪريو ته جيئن ثواب به ملي ، مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ کان ڪڏهن ضمنًا دنياوي فائدا به حاصل ٿي ويندا آهن. اچو بطور ترغيب مدني قافلي جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا ، جيئن

پراڻي مرض کان نجات ملي وئي  

ڪراچي جي عَلائقي ناظِم آباد جي رهائشي هڪ وڏي عمر جي اسلامي ڀاءُ مدني قافلي جي برڪتن جو تذڪرو ڪجھ هن طرح ڪيو ، مان تقريباً 19 سالن