Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ : “ نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير ، سهل بن الساعدي...الخ ج 6 ، ص 185 ، الحديث : 5942)

ٻه مدني گُل :  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

*نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس *ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس *ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس *ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس ، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس *صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس *بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام ، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي “ توبه جا ديني ۽ دنياوي فائدا “ جنهن ۾ اسان حضرت سيدُنا امام حسن مجتبي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ حصولِ اولاد جي لاءِ استغفار جو وظيفو ڏنو ، حضرت سيدُنا خواجه حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  مختلف حاجتن تي استغفارڪرڻ جو فرمايو ، پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي استغفار ڪرڻ جون حڪمتون ، ڪثرتِ استغفار جي فضيلت ، آخري نبي محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نَبِيُّ الۡتّوبہ ڇو چيو ويندو آهي؟ ۽ ان کان علاوه توبه جي متعلق ڪيئي مفيد معلومات ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. پورو بيان توجھ سان ٻڌڻ جي درخواست آهي. الله پاڪ اسان کي به گناهن کان سچي پڪي توبه ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي ، اي ڪاش! جو اهڙي توبه نصيب ٿئي جو وري ڪڏهن به