Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

ڪرڻ جي لاءِ جديد ذرائع اپنائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيئن ڪنهن نه ڪنهن انداز سان امتِ مسلمه تائين درست ديني معلومات پهچي سگهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  مجلس آئي ٽي (I.T) جي طرفان هڪ تمام ئي پياري موبائل ايپلي ڪيشن (Application) بنام ڪلمه اينڊ دعا (Kalma & Du'aجاري ڪئي وئي آهي. هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي نهايت آسان انداز ۾ ٻارن جي تربيت ڪري سگهجي ٿي. هن ايپلي ڪيشن ۾ ڇا آهي. اچو ٻڌو!

*6 ڪلمه آواز (Audio) جي صورت ۾  لفظ به لفظ ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ *روزانه جون 16 مختلف دعائون مثال طور پاڻي پيئڻ کان پهريان جي دعا ، ماني کائڻ کان پهريان جي دعا ، سمهڻ وقت جي دعا ، کير پيئڻ جي دعا وغيره لفظ به لفظ ادائيگي ۽ ترجمي سان گڏ *ٻارن جي تمام خوبصورت آواز ۽ منفرد انداز ۾ مختلف موضوعن تي سنتون ۽ آداب مثال طور سلام جون سنتون ۽ آداب ، کاڌي جون سنتون ۽ آداب ، پاڻي پيئڻ جون سنتون ۽ آداب وغيره. اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ هي ايپ انسٽال ڪري پنهنجي ٻارن جي اسلامي تربيت جو اهتمام ڪيو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو. 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 قناعت بابت ڪجھ مدني گل ۽ قناعت اپنائڻ جا طريقا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو!  قناعت جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو : (1) فرمايائون : قناعت ڪڏهن نه خَتم ٿيڻ وارو خزانو آهي۔ (الزھد للبيھقي ، الجزء الاول من ڪتاب…الخ ، ص۸۸ ، حديث : ۱۰۴) (2) ارشاد فرمايائون : بيشڪ ڪامياب ٿي ويو اهو شخص جنهن اِسلام آندو ۽ ان کي بَقَدرِ ڪفايت رِزق ڏنو ويو ۽ الله پاڪ ان کي جيڪو ڪجھ ڏنو ان تي قناعت به عطا فرمائي۔ (مسلم ، ڪتاب الزڪاة ، باب في الڪفاف والقناعة ، ص۴۰۶ ، حديث : ۲۴۲۶) *انسان کي جيڪو ڪجھ الله پاڪ جي طرفان ملي وڃي ان تي