Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

سان ئي معاف ٿيندو ايسيتائين جو قيامت جي ڏينهن به جنهن جو حق هوندو الله پاڪ انهيءَ کان معاف ڪرائيندو.

اي عاشقانِ رسول! يقيناً حقوق العباد جو معاملو نهايت سخت آهي تنهنڪري ان کان پنهنجي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪيو ، جيڪڏهن ڪنهن جو ڪوئي حق تلف ڪيو آهي ته ان کي فوري طور ادا ڪيو ۽ ربّ ڪريم جي حضور معافي به گهرو جو توبه قبول فرمائيندو آهي ، الله پاڪ اسان کي حقوق العبادت جو خيال رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين

ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسِطے اٹّھیں                                                      بچانا ظلم و ستم سے مجھے سدا یارب

رہیں   بھلائی کی راہوں   میں   گامزن ہر دم                                               کریں   نہ رُخ مرے پاؤں   گناہ کا یارب

مختصر وضاحت : يعني اي الله منهنجا هٿ هميشه فائدي ۽ ڀلائي جي لاءِ ئي اٿن هنن هٿن سان ڪنهن تي ظلم و زيادتي نه ٿئي. ۽ منهنجا پير به ڀلائي جي ڪمن ڏانهن هلن انهن پيرن سان ڪنهن کي تڪليف نه ٿئي نه ڪنهن گناھ  واري جاءِ تي وڃن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 دعا جو بهترين وقت

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان توبه جا فضائل ۽ طريقا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي پر ياد رکو الله پاڪ پنهنجي ٻانهن جي لاءِ ڪجھ رحمت ڀريا وقت به  مقرر رکيا آهن جو جن ۾ خاص ڪرم ڪيو ويندو آهي ۽ هر گهرڻ وارو چاهي ڪجھ به گهري ان کي محروم ناهي ڪيو ويندو. انهن وقتن مان عمده ترين ۽ رحمت ۽ برڪت وارو وقت رات جو آخري پهر آهي. رات جي آّخري پهر ۾ گريه و زاري ڪرڻ وارن جي مدح ۾ سيپاري 26 ، سورة الذّٰريت جي آيت نمبر17 ، 18 ۾ ارشاد ٿئي ٿو.