Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

پاڻ کي ٿڪائي ڇڏيندا هئا ته ڪيئي ڪنهن هڪ آيت جي تلاوت ڪندي ڪندي رات گذاري ڇڏيندا هئا ته ڪيئي سڄي رات روئندي گذاري ڇڏيندا هئا ته ڪيئي ساهه ڌڻي حوالي ڪري ويهندا هئا. پر افسوس! اسان جي حالت اها آهي جو رات ڏينهن گناهن جي سمنڊ ۾ غرق رهڻ جي باوجود نه شرمندگي جو احساس ۽ نه ئي آخرت جو خوف آهي. الله پاڪ جا نيڪ ٻانها سڄي رات جاڳندا ، ڪثرت سان روزا رکندا ، ڪثير نيڪ اعمال بجا آڻيندا ها پر پوءِ به پاڻ کي ڪمتر سمجهندي خوفِ خدا سبب روئندا رهندا ها. ڪنهن شاعر الله وارن جي هن انداز کي ڪيترو نه پياري انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

راتِیں زاری کر کر رَوندے ، نیند اَکھیں دی دَھوندے

فجرِیں اَو گنْہار کہاندے ، سب تھیں نِیْوِیں ہَوندے

 مختصر وضاحت : يعني اهي اهڙا نيڪ ٻانها آهن جن جون راتيون گريه و زاري ڪندي گذرن ٿيون جنهن جي ڪري انهن جون ننڊون ڦٽي وينديون آهن ان جي باوجود جڏهن صبح ٿيندي آهي ته ماڻهن جي سامهون پنهنجو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ گنهگار تصوُّر ڪندا آهن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

انوکي ندامت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!حُجَّة الاسلام امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مُڪاشفة القلوب ۾ نقل ڪن ٿا ، حضرت سيّدُنا شيخ ابو علي دَقّاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا ته هڪ تمام وڏو وليُّ الله سخت بيمار ٿي پيو ، مان ان جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ حاضر ٿيس ، آسپاس چاهيندڙن جو هجوم هو ، اهو بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه روئي رهيو هو ، مون عرض ڪيو ، اي شيخ! ڇا دنيا مان وڃڻ تي روئي رهيا آهيو؟ انهن فرمايو ، نه بلڪ نمازون قضا ٿيڻ تي روئي رهيو آهيان. مون عرض ڪيو ،