Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

اِرادو ڪندي بخشش جي دعا ڪرڻ ، پنهنجي گناهن جي بخشش چاهڻ ، توبه ڪرڻ وغيره.

سيّدي اعليٰ حضرت گناهن کان توبه ڪرڻ جي مطلب کي بيان ڪندي فرمائن ٿا : ياد رکو ته ٿڌا ساھ ڀرڻ ..... يا ...... پنهنجي چهري تي چماٽ هڻڻ ........ يا ..... پنهنجي نڪ ۽ ڪنن کي هٿ لڳائڻ ..... يا ..... پنهنجي زبان ڏندن سان دٻائڻ ............. يا مٿو هِلائيندي “ توبهه ، توبهه ، توبهه “ جي لفظن جي دهرائي ڪرڻ جو نالو توبه ناهي بلڪ سچي توبه مان مراد هي آهي ته ٻانهو ڪنهن گناھ کي الله پاڪ جي نافرماني ڄاڻي ان تي شرمنده ٿيندي خالق حقيقي سان مُعافي طلب ڪري ۽ آئنده جي لاءِ ان گناھ کان بچڻ جو پڪو اِرادو ڪندي ان گناھ کي نه ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري ، يعني نماز قضا ڪئي هئي ته هاڻي ادا به ڪري ، چوري ڪئي هئي يا رشوت ورتي هئي ته ، توبه کانپوءِ اهو مال اصل مالڪ يا ان جي ورثاء کي واپس ڪري يا ان کان مُعاف ڪرائي ۽ اصل مالڪ يا ورثاء جي نه ملڻ جي صورت ۾ اصل مالڪ جي طرفان راھِ خدا ۾ صدقو ڪري. (ماخوذ ازفتاویٰ رضویہ ، جلد ۱۰ ، نصف اول ، ص۹۷ )

استغفار ڪهڙي طرح ڪجي؟

اي عاشقانِ رسول! ڪنهن گناھ کان توبه ڪرڻ فقط استغفار جو نالو ناهي بلڪ جيڪڏهن ان گناھ جو تعلق الله جي ٻانهن جي حقوق سان آهي ته اسان کي ان حق جو ازالو به ڪرڻو پوندو جيئن سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حڪمِ شرع بيان فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جو ناحق مال دٻايو آهي ته ان کي ڏيڻو به پوندو علماءِ ڪرام بيان فرمايو آهي ته حقوق ٽي قسم جا هوندا آهن جن مان ٻه حق الله جي ذات جي متعلق آهن هڪ اهو حق جو جنهن کي الله پاڪ معاف نه فرمائيندو اهو آهي ان جي ذات سان ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ ۽ ٻيو حق اهو آهي جنهن کي الله پاڪ ٻانهي جي استغفار ڪرڻ تي مُعاف فرمائي ڇڏيندو ۽ ٽيون حق حقوق العباد آهي جيڪو ٻانهن جي معاف ڪرڻ