Book Name:Taubah Kay Deeni aur Dunyavi Fawaid

مالڪ ۽ حضرت سيِّدنا ابن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت ڪن ٿا ته “ هڪ شخص سرڪارِ مدينه ، قرارِ قلب و سينه ، باعثِ نزولِ سڪينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ سراپا رحمت و برڪت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو : “ يارسول الله! ڪوئي اهڙو عمل ٻڌايو جيڪو مون کي جنت ۾ داخل ڪري. “ ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ارشاد فرمايو : “ ڪاوڙ ڇڏي ڏي “ ان عرض ڪيو : “ جيڪڏهن اهو نه ٿئي سگهي ته؟ “ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو : “ روزانو عصر جي نماز کان پوءِ  ستر (70) ڀيرا الله پاڪ کان مغفرت طلب ڪندو ڪر ته اهو تنهنجي (70) سالن جا گناھ بخشي ڇڏيندو. “ عرض ڪيو : جيڪڏهن منهنجا ستر (70) سال جا گناھ نه هجن ته؟ “ ارشاد فرمايو : “ پوءِ تنهنجي والده جي ستر (70) سال جا گناھ معاف ڪيا ويندا. “ وري عرض ڪيو : “ جيڪڏهن منهنجي ماءُ لاڏاڻو ڪري چڪي هجي ۽ ان تي به ستر(70) سال جا گناھ نه هجن ته؟ “ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ارشاد فرمايو : “ تنهنجي قريبي رشتيدارن جي ستر(70) سال جا گناھ معاف ڪيا ويندا. (تاریخِ بغداد ، الرقم۷۷۸0 ، ابوعلی المفلوج ، ج۱۴ ، ص۴۲۵۔ حلیۃ الاولیاء ، معروف الکرخی ، الحدیث۱۲۷۱۹ ، ج۸ ، ص)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

   اي عاشقانِ رسول! اسان جا پيارا آقا ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به ڪثرت سان استغفار ڪندا هئا ۽ اسان جي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ نالن ۾ هڪ نالو “ نبيُّ التَّوبہ (توبه وارا نبي) به آهي ، ان جي ڇا حڪمت آهي؟ اچو! هن جي باري ۾ ڪجھ ٻڌون ٿا :  

نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نبيُّ التوبه (توبه وارا نبي) آهن

  حضرت سيّدُنا حذيفه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ، مدينه طيّبه جي هڪ رستي ۾ حضور سيّدِ عالم مون کي مليا ارشاد فرمايو : اَنامُحَمَّدٌ وَاَنَا اَحْمَدُ وَاَنَا نَبِیُّ الْرَّحْمَۃِ وَنَبِیُّ الْتَّوْبَۃ مان محمد آهيان ، مان احمد آهيان ، مان رحمت وارو نبي آهيان ، مان توبه وارو نبي