Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

غوثِ پاڪ  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  عِلم جا سمنڊ هئا

سرڪارِ غوثِ پاڪ صرف عالِم ۽ مفتي نه هئا بلڪ عِلم جا سمنڊ هئا، سندس کي صِرف علمِ فقہ تي ئي مَهارَت ڪانه هئي بلڪ عِلمِ حديث، عِلمِ تفسير،
عِلمِ نَحو ۽ عِلمِ ادب وغيره کوڙ عُلُوم تي به مڪمل مَهارَت حاصِل هئي۔ سندن عِلمِ حديث ۾ مَهارَت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو جو جڏهن پاڻ علمِ حديث حاصِل ڪرڻ مان فارِغ ٿيا ته سندن استاد سڳورن هنن لفظن ۾ پنهنجا تاثرات ڏنا ته اي عبدُالقادِر! حديث مبارڪه جي الفاظن جي سَنَد  ته اسان اوهان کي ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته حقيقت اها  آهي ته حديث جي معني ۽ مَفهوم جو سمجھڻ اسان اوهان کان ئي سکيو آهي۔ (حیات المعظم فی مناقب غوث اعظم ،ص ۴۶ بتغیر قلیل)

سُبْحٰنَ الله سُبْحٰنَ الله! منهنجي غوثِ پاڪ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي! * اهو غوثِ پاڪ جو شان آهي جو هو الفاظن جو عِلم ته پنهنجي استادن کان حاصِل ڪن ٿا پر سندن استاد ان الفاظ ۾ پوشيده معني جي سمنڊ مان موتي ڪڍڻ غوثِ پاڪ کان سکن ٿا۔ * اهو غوث پاڪ ئي جو شان آهي جو هو علمِ شريعت استادن کان پرائين پر الله جي رازن تي واقفيت استاد سندن کان وٺن۔ * اهو غوث پاڪ ئي جو شان آهي جو ان جي مُلڪ جا مفتيانِ ڪرام آسان مسئلا پاڻ حل ڪن پر مشڪل مسئلن جي حل جي لاءِ غوثِ پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضري ڏين۔ * اهو غوث پاڪ ئي جو شان آهي جو چورن کي قطبِ دين بڻائي ڇڏين۔ * استاد سڳورا ظاهر کي ڏسي مسئلو بيان ڪن پر اهو غوث پاڪ ئي جو  شان آهي جو دل جي رازن کي ڄاڻي هو ان جي دلين ۾ پوشيده مسئلن کي حل ڪن۔ 

الله پاڪ جي عطا سان غوثِ پاڪ جي مُريدن کي ٻنهي جھانن ۾ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه  شيخ عبدالقادِر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو سهارو هوندو، اعليٰ حضرت جي خليفه مولانا محمد جميل الرحمن رضوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي نعتيه دِيوان "قبالهءِ بخشش" ۾ ڪيتري پياري انداز ۾ هن کي لکن ٿا: