Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! الله پاڪ اسان جي غوثِ پاڪ کي ڪيتري قدرعلمِ لَدُنِّي سان مالامال فرمايو هو ۽ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عِلمِ لَدُنِّي جي وسعت ڪيتري هئي، شان ڇا هو؟ اچو! هڪ حڪايت ٻڌو ان سان اوهان کي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عِلمِ لَدُنِّي جو اندازو ٿيندو جيئن ته

عمر سهروردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي علم لدُّني عطا ٿي ويو

سردارِ سلسله سهرورديه حضرت شهابُ الحقِّ وَ الدِّين عُمر سُهروَردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا ته مون کي علمِ ڪلام جو تمام گھڻو شوق هو، مون ان فن جي ڪتابن کي حفظ ڪري ان فن ۾ خوب مهارت حاصل ڪري ورتي هئي۔ منهنجي چاچي حضرت سَيدِي نجيبُ الدِّين عبدُالقاهر سهروردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڏينهن مون کي ساڻ ڪري بارگاھ غوثيت ۾  پيش ڪرڻ جي ارادي سان گھران نڪتو۔ واٽ تي مون کي فرمايائون: اي عمر! اسان هينئر ان هستي جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻ پيا وڃون، جن جي دل الله پاڪ جي طرفان خبر ڏيندي آهي، ڏس! ان جي بارگاھ ۾ محتاط رهجان ته جيئن سندن ديدار سان بَرَڪت ماڻي سگھين۔ جڏهن اسان بارگاھ ۾ حاضر ٿياسين ته منهنجي پير سَيدِي نَجيبُ الدِّين عبدُالقاهر سهروردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي عرض ڪيو: اي منهنجا آقا! هي منهنجو ڀائيٽيو علمِ ڪلام جي شوق ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي ۽ هن فن جا ڪيئي ڪتاب حفظ ڪيا اٿس، مان منع ڪيان ٿو پر مڃي نٿو۔ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مون ڏانهن متوجھ ٿي فرمايائون: اي عمر! تو علمِ ڪلام ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ياد ڪيا آهن؟ مون عرض ڪيو: فُلاڻا فُلاڻا ڪتاب۔ اهو ٻڌي حضورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه دستِ مبارڪ منهنجي سيني تي ڦيريائون، خدا جو قسم! هٿ اڃان پري نه ٿيو جو مون کي انهن ڪتابن مان هڪ لفظ به ياد نه رهيو ۽ انهن ڪتابن جا تمام مطلب الله پاڪ مون کان وسارائي ڇڏيا، ها! الله پاڪ منهنجي سيني ۾ يڪدم علمِ لدُنّي ڀري ڇڏيو، ته مان حضورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽان علمِ الٰهي کي تسليم ڪري اٿيس ۽ حضورِ