Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

وارن جو تعداد تقريباً 1 لک 11 هزار 336 آهي، جڏهن ته ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ مدرسة المدينه بالغات جو تعداد تقريباً 6 هزار89 جڏهن ته پڙهڻ وارن جو تعداد تقريباً 59 هزار 618 آهي۔

جن جڳهين تي قرآن ڪريم پڙھائڻ وارا آساني سان نٿا ملن يا پڙھڻ وارن کي آن لائن قرآنِ ڪريم پڙھڻ ۾ آساني آهي انهن جي لاءِ فيضان آن لائن اڪيڊمي به موجود آهي۔ فيضان آن لائن اڪيڊمي جي 39 برانچز (Branches) ۾ پاڪستان کان علاوه ٻين ڪيئي ملڪن مان تقريباً 17 هزار 209 شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهي رهيا آهن۔

اَلْحَمْدُلِلّٰه! هن وقت ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ ٻارن ۽ ٻارڙين جا تقريباً 4201 (4هزار201) مدارس المدينه قائم آهن، جن ۾ تقريباً 1  لک 96 هزار 348 ٻار ۽ ٻارڙيون حفظ ۽ ناظره جي مفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن۔ هينئر تائين ڪم و بيش 3 لک 59 هزار 569 ٻار ۽ ٻارڙيون حفظِ قرآن ڪرڻ ۽ ناظره قرآنِ ڪريم پڙھڻ جي سعادت ماڻي چڪا آهن۔

اچو! اڄ اسان اها نِيت ڪيون ٿا ته اسان پاڻ به دُرست قرآن ڪريم پڙھڻ سکنداسين، پنهنجي گھر جي سمورن ڀاتين کي به درست قرآن ڪريم پڙھڻ سيکارينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ۔اچو! الله پاڪ جي بارگاھ  ۾ دُعا گھرون ٿا!

عطا ہو شوق مولیٰ مدرَسے میں آنے جانے کا                                      خدایا ذَوق دے قراٰن پڑھنے کا، پڑھانے کا

  صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                  صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

100 فقهاء ڪرام جا سوال ۽ جواب

عظيم محدث، برِّصغير ۾ حديث شريف کي عام ڪرڻ وارا شيخ عبدالحق مُحَدِّثِ دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن لکيو آهي: حضرت مُفرَّج بن نَبهان شَيباني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته جڏهن حضرت سَيدُنا شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مشهور ٿي ويا