Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

”نيڪ اعمال“ جي مُطابِق روزانو جائزو وٺندي هر انگريزي مهيني جي پهرين

تاريخ تي پنهنجي ذِمَّه دار کي نيڪ اعمال جو رِسالو جمع ڪرائڻ به آهي۔

   ياد رهي! نيڪ اعمال تي پاڻ عمل ڪندي ٻين عاشقانِ رسول ۾ نيڪ اعمال جا رسالا تقسيم ڪرڻ ۽ پوءِ مهينو ختم ٿيڻ تي انهن کان وٺڻ به اسان جي  ذِمَّه داري آهي۔ 12 ديني ڪمن مان هن ديني ڪم ’’نيڪ اعمال‘‘ جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مَڪتَبة المَدِينَه جي رسالي ’’نيڪ اعمال‘‘ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر ۽ خاص ڪري ذِمَّه  دار هن رسالي جو لازمي مُطَالَعو ڪن، اهو رسالو مَڪتَبَةُ المَدِينَه جي بستي تان طلب فرمايو ۽ دعوتِ اسلامي جي ويب تان هن کي پڙهي ۽ ڊاؤن لوڊ به ڪري سگھجي ٿو.

* اَلحَمدُ لِلّٰه نيڪ اعمال، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن، * نيڪ اعمال تي عمل ڪرڻ وارن سان اَميرِ اَهلسُنّت دَامَت بَـرَکاتُهمُ العَالِيه تمام گھڻا خوش ٿيندا آهن ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن، * نيڪ اعمال تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت هٿ ايندي آهي، * نيڪ اعمال جو اهو عظيم تحفو Gift)) بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جي ياد ڏياريندو آهي، * نيڪ اعمال بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجن عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔

نيڪ اعمال جون برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ اعمال جي ڪري ڪثير اسلامي ڀائرن کي برڪتون مليون آهن، ۽ ملي رهيون آهن، جيئن ته فيصل آباد (پنجاب، پاڪستان) جي آسپاس رهندڙ هڪ اسلامي ڀاء جو ڏيڍ سالن ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه گذريو هو جو ان پنهنجي عملن جو محاسبو نه ڪيو هجي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه نيڪ عملن تي عمل جي بَرَڪت سان انهن کي سوره ملڪ زباني ياد ٿي وئي۔