Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

اهڙي مهارت جو هڪ آيت جا 40 تفسير بيان ڪيا۔

اي عاشقانِ غوثِ اعظم! اسان جي  غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي اهي  رتبا علمِ دين، سندن عبادت و رياضت ۽ خوفِ خدا جي بدولت نصيب ٿيا۔ اسان به غور ڪريون ته ڇا اسان پنج ئي نمازون پابندي سان پڙھون ٿا۔ اسان الله پاڪ جي فرضن جي پابندي ڪريون ٿا۔ اسان جي غوث پاڪ جو فرمان آهي بغير علم خدا جي عبادت سنوارڻ جي بدران بگاڙي ڇڏيندي. (بہجة الاسرار ص ۵۳) ڇا اسان علمِ دين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا۔ غوثِ پاڪ جو فرمان آهي خبردار شريعت جي دائري کان ٻاهر نه وڃجو. (بہجة الاسرار ص ۴۹) شريعت جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙي رکجو ڇوته ان کي پڪڙڻ ئي ۾ ٻنهي جهانن جون ڀلايون آهن. (بہجة الاسرار ص ۴۰) ڇا اسان شرعي معاملات ۾ احتياط ڪريون ٿا۔ ڇا اسان پنهنجي معاملات ۾ عاشقانِ رسول مُفتيانِ ڪرام کان شرعي رهنمائي وٺون ٿا؟ ڇا اسان پنهنجي ڪاروباري معاملات جي شرعي اسڪينگ ڪرائي آهي يعني پنهنجي ڪاروباري معاملات دارالافتاء ۾ بيان ڪري ان جي جائز و ناجائز هئڻ جي باري ۾ شرعي رهنمائي ورتي آهي؟   

  پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ کي نيڪ بنائڻ ۽ شريعت تي هلائڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان سڀئي دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول سان وابسته ٿي مدني مذاڪرن، هفتيوار اجتماعن ۾ اوّل تا آخر پابندي سان شرڪت جي ڪوشش ڪريون، مدني  قافلن ۾ سفر ڪريون، نيڪ اعمال تي عمل ڪريون، درس و بيانات ۾ شرڪت ڪريون ۽ عاشِقانِ رَسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول سان وابسته رهي 12 ديني ڪمن ۾ حِصّو وٺون ۽ پنهنجي قَبر ۽ آخرت کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪريون۔

12مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”نيڪ اعمال“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم