Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

سندن کي سڀئي ڄاڻن ٿا ۽ سڀئي مڃن ٿا ۽ هر هنڌ سندن ڌوم متل آهي ۽ سندن ذات سان شريعت جا اسرار واضح ٿين ٿا، پاڻ شريعت جا به امام آهن ۽ طريقت جا به امام آهن، ڇوته انهن ٻنهي مان سندن فيضان جون نهرون جاري آهن۔

اچو گڏجي غوثِ پاڪ جا نعرا لڳايون ٿا:

اللّٰہ کی رحمت    غوثِ پاک      ہیں باعث ِ برکت  غوثِ پاک

ہیں صاحبِ عزّت  غوثِ پاک      ہیں بحرِ سخاوت   غوثِ پاک

دریائے کرامت   غوثِ پاک      فرماؤ حِمَایَت    غوثِ پاک

ٹل جائے مصیبت  غوثِ پاک      سر تا پا شرافت   غوثِ پاک

* مرحبا  یا  غوثِ پاک     * مرحبا  یا  غوثِ پاک   * مرحبا  یا  غوثِ پاک

علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو مقام ۽ مرتبو

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اسان جي غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو علمي شان ته پاڻ هڪ ئي وقت ۾ هڪ آيتِ مُبارَڪه بابت چاليھ (40) تفسير بيان ڪيا، جنهن مان اوڻٽيھ (29) تفسير علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي علم ۾ به نه هئا، جڏهن ته علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وقت جا نهايت وڏا عالِم ۽ امام هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه علمِ قرآن، علمِ حديث، علمِ فِقه، جُغرافِيه، علمِ طِب، تاريخ، تفسير، علمِ نُجُوم، حساب، لُغَت ۽ نحو وغيره کان علاوه ٻين کوڙ عُلوم ۽ فُنُون ۾ به ساراھ لائق ڪتاب لکيا، سندن تصانيف جو تعداد ٽي سو (300) کان وڌيڪ ٻڌايو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪيئي ته جلدن تي مشتمل آهن ۽ ڪجھ رسالا به شامل آهن۔ (مُقدمہ عیونُ الحکایات،حصہ ۱،ص۱۶ملتقطا و ملخصاً)

   امام ابنِ قُدامه حنبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: امام ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حافظُ الحديث به هئا۔ اچو! اهوبه ٻڌو ٿا ته حافظُ الحديث ڪنهن کي چون ٿا؟ هڪ لک (100،000) حديث سڳوريون سَنَد سان ياد ڪرڻ وارو حافظُ الحديث هوندو آهي. (مُقدمہ آنسوؤں کا دریا،ص۱۵) پر وقت جا ايترا وڏا امام هئڻ باوجود علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي