Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

مَهارَت رکندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو سڄي دُنيا مان عالم ۽ نيڪ ٻانها سندن بارگاھ ۾ علم پرائڻ جي لاءِ حاضر ٿيندا هئا ۽ جيڪو سندن بارگاھ ۾ پڙھڻ جي سعادت حاصل ڪندو هو ته ان کي ڪنهن ٻي استاد جي حاجت نه رهندي هئي ڇاڪاڻ ته پاڻ علوم ۽ فنون جا جامع هئا۔

اي عاشقان غوثِ اعظم! سيدي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماڻهن جا شرعي مسئلا به حل ڪندا هئا ۽ ماڻهن جا دُنياوي مسئلا به حل ڪندا هئا۔ غوثِ پاڪ فنون به پڙھائيندا هئا، غوثِ پاڪ الله پاڪ جي سڃاڻپ جا جام به پيئاريندا هئا، غوثِ پاڪ قرآنِ ڪريم به پڙھائيندا هئا، حديث جو به درس ڏيندا هئا، غوثِ پاڪ علم به پڙھائيندا هئا عمل جو به پيغام ڏيندا هئا، غوثِ پاڪ تفسير به پڙھائيندا هئا ۽ الله پاڪ جي محبت جا جام به پيئاريندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيان به ڪندا هئا ۽ ماڻهن جي دِلي وسوسن کي به پري ڪندا هئا، الله پاڪ جي رحمت جي قريب ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نيڪي جي دعوت به عام ڪندا هئا ۽ دل جي دنيا به بدلائيندا هئا۔

خدمتِ قرآنِ ڪريم ۽ دعوتِ اسلامي

   اي عاشقانِ غوثِ اعظم! تجويد و قرآت سان گڏ قرآنِ ڪريم پڙھائڻ اسان جي غوثِ اعظم جي مبارڪ سيرت جي هڪ نمايان خُوبي هئي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه نوجوانن ۾ تعليمِ قرآن عام ڪرڻ، مسلمانن جو قرآنِ ڪريم سان تعلق مضبوط ڪرڻ ۽ فيضانِ قرآن کي عام ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي دِيني تحريڪ دعوتِ اسلامي مختلف انداز سان ڪوشش ڪري رهي آهي۔ دعوتِ اسلامي تحت ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن کي بِلا مُعاوضه تَجوِيد ۽ مَخارِج سان دُرُست تلاوتِ قرآن سيکارڻ جي لاءِ مدرسة المدينه بالِغان ۽ بالِغات جڏهن ته ٻارن ۽ ٻارڙين کي حفظ و ناظره جي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مدارس المدينه قائم آهن۔

پاڪستان ۾ تقريباً 21 هزار 7 سو 61 مدرسة المدينه بالغان آهن ۽ انهن ۾ پڙھڻ