Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مون کي فرمايو: مُلڪ عِراق ۾ سڀ کان پهريان توهان شهرت ماڻيندؤ۔ ان کان پوءِ حضرت شهابُ الحقِّ وَ الدِّين عُمر سُهروَردي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه طريقت جا بادشاھ آهن ۽ تمام عالم ۾ يقيناً تَصَرُّف فرمائڻ وارا آهن۔ (بہجة الاسرار،فصول من کلامہ مرصعا...الخ،ص۷۰)

مشائخ جہاں آئیں بہر گدائی                                                                                      وہ ہے تیری دولت سرا غوثِ اعظم

وہاں سر جھکاتے ہیں سب اُونچے اُونچے                                                         جہاں ہے ترا نقشِ پا غوثِ اعظم([1])

 مختصر وضاحت: منهنجي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو درٻار اهو خزانن جو گھر آهي جو جنهن ۾ وڏا وڏا بزرگ خيرات وٺڻ لاءِ حاضر ٿين ٿا ۽ وڏا وڏا ولي سڳورا سندن قدمن جي نشان تي پنهنجي سرن کي جھڪائن ٿا۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

شريعت تي عمل نافذ فرمايائون

   پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام گھڻو خوفِ خدا رکندڙ هئا۔ پاڻ نه صرف عالم هئا بلڪ پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ وارا تمام وڏا عامل هئا۔ بحيثيت مفتي پاڻ نه صرف فتوائون ڏنائون بلڪه شريعت جي روشني ۾ ڪمن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ۽ جتي غلطي ڏٺائون ان جي اصلاح ڪري ان کي درست طريقي سان ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيائون ۽ ائيڻ ڪرڻ ۾ پاڻ ڪنهن سان رعايت جو لحاظ نه فرمايو بلڪ جيڪڏهن ڪو حڪمران به غلط ڪم ڪندو هو ته پاڻ ان جي پڪڙ ڪندا هئا ۽ ان کي شريعت تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندا هئا، جيئن ته

ان وقت جي خليفي ۽ حڪمران جڏهن ابوالوفا يحييٰ بن سعيد کي جيڪو
”رڪاوٽ وجھندڙ جو ظالم پٽ“ جي نالي سان مشهور هو، ان کي قاضي جي


 

 



[1] ذوقِ نعت،ص١٨٢