Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

منهنجي رَبّ جي طرفان هڪ اچڻ وارو آيو ۽ مون کي عرض ڪيو ته اوهان جو جيڪو اُمّتي اوهان تي هڪ ڀيرو دُرودِ پاڪ پڙھندو، الله پاڪ ان جي لاءِ ڏھ (10) نيڪيون لکندو، ان جا ڏھ (10) گُناھ مٽائيندو ۽ ان جا ڏھ (10) درجا بلند فرمائيندو ۽ ان تي ايتري ئي رحمت موڪليندو. (مسند احمد ، حدیث ابی طلحة ، رقم ۱۶۳۵۲،ج۵،ص۵۰۹)

اُن پر دُرود جن کو کَسِ بے کَساں کہیں                                                                                                                                                اُن پر سَلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے([1])

مختصر وضاحت: يعني اسان پنهنجي ان پياري پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي دُرود موڪليون ٿا، جيڪي هر بي سهاري جو سهارو ۽ آسرو آهن ۽ اسان پنهنجي ان پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي سلام موڪليون ٿا جيڪي اسان غافلن جي خبر رکن ٿا.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  

   (1بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

   (2جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُ الله , تُوبُوا اِلَـی الله!


 

 



[1] حدائق بخشش،ص۲۰۹