Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

طلاق کان بچي وڃي ۽ قسم به پورو ٿي وڃي. عراق جي عالمن جڏهن هن مسئلي کي پڙهيو ته سڀئي حيران ۽ پريشان ٿي ويا ته اهڙي ڪهڙي عِبَادَت آهي جنهن کي اهو اڪيلو ئي ڪري سگھي ٿو ۽ ايتري وڏي دنيا ۾ ڪيئن خبر پوندي ته اها عبادت هن وقت رُوءِ زمين تي صرف اهو ئي ڪري رهيو آهي. عراق جي عالمن هن جو جواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ مسئلو سيدي شيخ عبدُالقادِر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ پيش ڪري پڇيائون ته اهو شخص ڇا ڪري ۽ ڪهڙي عِبَادَت ڪري جو ان جي گھرواري طلاقن کان بچي وڃي ۽ قسم به نه ٽٽي؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه يڪدم ان جو جواب ڏيندي ارشاد فرمايائون: ته هي شخص مڪي شريف وڃي ۽ طواف جي جڳھ کي خالي ڪرائي اڪيلو طواف ڪري، ان جو قسم به پورو ٿي ويندو ۽ ان جي زال کي طلاق به ڪانه ٿيندي، حيران و پريشان علماءِ ڪرام جڏهن کين هن جواب کي ٻڌو ته حيران رهجي ويا ۽ سندن عِلم جي داد ڏيڻ لڳا. (بهجة الاسرار، ص۲۲۶ملخصاً)

مفتیِ شرع بھی ہے، قاضی ِمِلّت بھی ہے                                                                                                                             علمِ اَسرار سے ماہِر بھی ہے عبدُالقادِر

منبعِ فیض  بھی ہے  مَجْمَعِ اَفْضال  بھی ہے                                                                                                                                              مِہرِ عِرفاں کا مُنوَّر  بھی ہے عبدُ القادِر([1])

  صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                  صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مختصر وضاحت: شيخ عبدُالقادِرجيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه شرع شريف جا مفتي، قوم جا قاضي ۽ علمِ اَسرار يعني رازن جي عِلم جا ماهر آهن۔ پاڻ روحاني فيض جي چشمي ۽ تمام فضيلتن جا جامع آهن ۽ شيخ عبدُالقادِر جيلاني عِلم و عِرفان جا نوراني سج  آهن۔     اچو گڏجي تمام پيارا پيارا نعرا لڳايون ٿا، اِنْ شاءَالله هن سان اسان جي  دل ۾ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عقيدت ۽ محبت ويتر وڌندي۔


 

 



[1] حدائق ِ بخشش،ص۱۱۴