Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

مُرِیْدِیْ لَا تَخَفْ کہہ کر تسلی دی غلاموں  کو                                                               قیامت تک رہے بے خوف بندہ غوثِ اعظم کا

بُلا کر کافروں  کو دیتے ہیں  اَبدال کا رُتبہ                                                                         ہمیشہ جوش پر رہتا ہے دریا غوثِ اعظم کا

نِدا دے گا مُنادی حشر میں یوں قادریوں کو                                                                           کدھر  ہیں قادِری کر لیں نظارہ غوثِ اعظم کا

یہ کیسی روشنی پھیلی ہے میدانِ قیامت میں                                                       نِقاب اُٹھا ہوا آج کس کا غوثِ اعظم کا([1])

 شعرن جي وضاحت! سيدي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هن فرمان ”منهنجا مريد بي خوف ٿي وڃ“ قيامت تائين جي لاءِ سندن مُريدن کي تسلي ڏئي ڇڏي آهي ۽ سندن درياءِ رحمت هميشه جوش تي رهندو آهي، پاڻ ڪافرن کي گھرائي انهن کي اسلام ۾ داخل ڪري ابدال جو رتبو عطا ڪن ٿا۔ سندن مريدن کي قيامت ۾ اعلان ڪري سندن ديدار ڪرڻ جي لاءِ گھرايو ويندو ۽ بروزِ قيامت سندن چهري تان پردو کڄڻ سان روشني ڦهلجي ويندي۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                            صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طلاق کان بچو!!

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي علمي مهارت جي باري ۾ جيڪو واقعو ٻڌو، هن مان اسان کي جتي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي  علمي شان و شوڪت جي خبر پئي، اتي اهو به سکڻ لاءِ مليو ته اسان کي ڪڏهن مذاق ۾ به طلاق جهڙا بُرا لفظ زبان تي نه آڻڻ گھرجن، جيڪي بعد ۾ پريشاني جو سبب بڻجن. ڪوشش ڪري طلاق جهڙي فعل کان به پاڻ کي محفوظ رکو جو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حَلال  ڪمن ۾ سڀ کان ناپسنديده ڪم طلاق ڏيڻ آهي ۽ بِلاضرورت طلاق ڏيڻ گناھ آهي۔([2]) ۽ ٽي طلاقون ڏيڻ کان پوءِ ٻيهر بنا نڪاح جي گڏجي رهڻ ڪنهن طور تي درست ناهي، جيڪڏهن ڪڏهن اهڙي صورتِ حال پيش اچي ته پنهنجي گھر جا يا پنهنجي برادري جا وڏا پوڙها گڏ ڪري، انهن کان  فيصلو ڪرائڻ بدران اُمّت


 

 



[1]  قبالۂ بخشش ،ص٩٣

[2] فتاوی امجدیہ ۲/۱۶۴