Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

ذريعي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪريون۔ ياد رکو! عِلمِ دِين ئي الله پاڪ جي سڃاڻپ ڪرائي ٿو، علمِ دين ئي سان رب جي رضا حاصل ٿيندي آهي، علمِ دين ئي سان الله پاڪ جو خوف پيدا ٿيندو آهي، علمِ دين ئي انسان کي مُعاشري جو سٺو فرد بڻائي ٿو، عِلمِ دين ئي جي ڪري مخلوقِ خدا ان ٻانهي سان محبت ڪرڻ لڳي ٿي، علمِ دين ئي جي ڪري انسان کي عزّت ۽ شرافت حاصل ٿيندي آهي۔ علمِ دين ئي جي ڪري الله پاڪ جي عبادت درست ٿي سگھي ٿي ۽ علم ئي جي ڪري انسان تقويٰ ۽ پرهيز گاري اختيار ڪري ٿو۔ اسان حُضُورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيان مُجَاهدات ته نٿا ڪري سگھون پر همّت هارڻ بدران علمِ دين جي حصول جي لاءِ ٿوري گھڻي ڪوشِش ته ڪري سگھون ٿا۔

غوث پاڪ کي علم لدُّني حاصل هو

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ حضور غوث پاڪرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بيشمار برڪتن سان نوازيو هو، حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي قرآنِ ڪريم جو علم به ڏنو هو، حديث جو علم به ڏنو هو، علمِ لَدُنّي جي نعمت سان به نوازيو هو، ظاهري علوم سان گڏوگڏ باطني علوم سان به مالا مال ڪيو هو۔ علمِ لَدُنِّي اهو علم  جيڪو بنا ڪنهن دنياوي استاد جي سڌو سنئون الله پاڪ جي طرفان عَطا  ڪيو وڃي۔

علم لدُّني جا 70 دروازا کوليا ويا

 پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڪيترو علمِ لدُنّي عطا ٿيو هو، اچو! هن بابت سندن ئي جو هڪ فرمان ٻڌون ٿا، جيئن! حضرت سَيدُنا  شيخ بزّاز  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري مون کي ٻڌايو ته الله پاڪ منهنجي لاءِ يعني غوث پاڪ جي لاءِ علم لدُّنِي جا 70 دروازا کولي ڇڏيا آهن، هر دروازو زمين و آسمان جي وسعتن کان به گهڻو وسيع آهي، هڪ دروازي جو درمياني فاصلو زمين ۽ آسمان جي وسعتن کان به وڌيڪ آهي۔ (بہجة الاسرار،ذکرعلمہ وتسمية بعض شیوخہ رحمة اللہ تعالیٰ علیہ،ص۲۲۶)