Book Name:Ghous e Aazam As A Mufti e Aazam

وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!         اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي ” غوثِ اعظم بحيثيت مفتي اعظم جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين * غوثِ اعظم جي فقهي مَهارَت يعني شرعي احڪام ۽ مسائل بابت پاڻ ڪيترو وڌيڪ علم رکندا هئا * علمِ تفسير تي سندن ڪيتري گهري نظر هئي * عالمن جا سوال ۽ غوثِ پاڪ جا جواب * غوثِ پاڪ عِلم جو سمنڊ هئا * سندن فتاويٰ جي ڪثرَت * علاّمه ابنِ جوزي جو مَقام ۽ مرتبو * علمِ لَدُنّي جا ستر(70) دروازا ڪيئن کليا * غوثِ پاڪ جو مقام ۽ مرتبو ڪيترو بلند آهي؟ * غوثِ پاڪ سيد عبدالقادِر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مسئلن جو جواب ڏيڻ مهل الله پاڪ جي بارگاھ مان اِجازَت طَلَب ڪندا هئا * ۽ ان کان علاوه مفيد معلومات ٻڌڻ جي سَعَادَت حاصِل ڪنداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شرعي مسئلن ۾ مهارت

حُضُور غوثِ پاڪ شيخ عبدُالقادِر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا صاحبزادا حضرت سَيدُنا عبدُ الرزّاق جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري عراق جي عالمن سڳورن وٽ هڪ مسئلو آيو ته هڪ شخص پنهنجي زال کي اهو چيو آهي ته هو الله پاڪ جي اهڙي عبادت ڪندو، جيڪا ان وقت سڄي زمين تي ڪو ٻيو شخص نه ڪري رهيو هوندو، جيڪڏهن اهو ائين نه ڪري سگھيو ته سندن گھرواريء کي 3 طلاقون، انهن لفظن کي ادا ڪرڻ کان پوءِ مڙس پريشان آهي ته ان جي زال