Book Name:Shan-e-Bilal-e-Habshi

هن کي بگاڙيو آهي، اوهان هن کي هن جي تڪليف کان بچايو جيڪا اوهان ڏسي رهيا آهيو ته اميرالمومنين حضرت سيدنا ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: مون وٽ بلال کان وڌيڪ تندرست غلام آهي، بلال مون کي ڏيو ۽ اهو توهان وٺو. چوڻ لڳو: منظور آهي ته حضرت سيدنا ابوبڪر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اميه کي پنهنجو غلام ڏئي ڇڏيو ۽ حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي خريد ڪري ورتو ۽ ان کي آزاد ڪري ڇڏيائون۔ (حلیۃ الاولیاء،بلال  بن رباح ، ۱/۱۹۹، رقم: ۴۸۶)

صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                                            صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد

       اي عاشقانِ صحابه! ٻڌو اوهان ته حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي راههِ خدا ۾ ڪيتريون آزمائشون آيون، پر پوءِ به باطل جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايائون، ڄڻ ان الله وارن جي اها عادت هئي ته سر ڪٽجي ته ڀلي ڪٽجي. جان وڃي ٿي ته ڀلي وڃي پر دينِ اسلام کي ڇڏي ڪري باطل جي اڳيان سر نه جهڪڻ گهرجي. انهن جو اهو عمل اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته راههِ حق ۾ جيڪڏهن اسان کي سڀ ڪجهه وڃائڻو به پوي ته وڃائي ڇڏجي پر حق جو ساٿ نه ڇڏيو وڃي ۽ مضبوطيءَ سان باطل جو مقابلو ڪيو وڃي. دنيا ۾ جيڪڏهن هن جو صلو ڪجهه نه ملي پر اهڙن ماڻهن جي يقينًا آخرت سنورجي ويندي آهي، بارگاھِ الاهي مان انعامن جي بارش ٿيندي آهي. حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آخري پساهن تائين اخلاص ۽ استقامت سان دينِ اسلام تي ثابت قدم رهيا، راههِ خدا ۾ جان جي بازي لڳائي ڇڏي پر سندن ثابت قدمي ۾ ذري برابر به ڪمي نه آئي، دينِ اسلام قبول ڪرڻ جي بدلي ۾ مظلومانه زندگي گذارڻ جي باوجود به ڪڏهن زبان تي شڪايت نه آئي ۽ هڪ طرف اسان محبتِ رسول جي دعوٰي ڪرڻ وارا معمولي زخمن تي شور مچائيندا آهيون ٿورڙي تڪليف پهچڻ تي بي صبري جو مظاهرو ڪندي نظر اچون ٿا، ٿورو سوچيو! حضرت سيدنا بلال حبشي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ايتري قدر تڪليف برداش ڪرڻ جي باوجود ڄڻ ته زبان سان اهو ئي چوندا رهيا ته ساهه ته وڃي سگهي ٿو پر ڪلمو نٿو ڇڏي سگهجي. تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سيرت تي عمل ڪندي زندگي گذاريون، انهن جي قرباني جا