Book Name:Mahabbat-e-Madina

جا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اتي تشريف وٺي ويا آهن اڃان تائين جدائي ئي ناهي ٿي، اسان جا آقا اتي ئي جلوه فرما آهن۔ اميرِ اهلسنت، بانيءِ دعوتِ اسلامي حضرت ِ علّامه مَولانا محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ   ڇا ته خوب فرمائن ٿا:

عَرشِ عُلیٰ سے اعلیٰ میٹھے نبی کا روضہ                          ہے ہر مکاں سے بالا میٹھے نبی کا روضہ

فردوس کی بلندی بھی چھُو سکے نہ اس کو                    خُلْدِ بریں سے اونچا میٹھے نبی کا روضہ

کعبے کی عظمتوں کا منکر نہیں ہوں لیکن                     کعبے کا بھی ہے کعبہ میٹھے نبی کا روضہ

مکے سے اس لئے بھی افضل ہوا مدینہ                     حصے میں اس کے آیا میٹھے نبی کا روضہ

جس وقت روح تن سے عطار کی جدا ہو                     ہو سامنے خدایا میٹھے نبی کا روضہ

(وسائلِ بخشش مرمّم، ۳۲۰، ۳۲۱)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عظمتِ مدينه تي حديث سڳوريون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان ٻڌو ته مَدِينَهءِ مُنَوَّرَه اهو مبارڪ شهر آهي، جنهن کي اسان جي پياري آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رهائش جو شَرف بخشيو، سندن جي قدمن جي برڪت سان هن شهر جا ڀاڳ کلي پيا، پاڻ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي قدمن جي برڪت سان شهرِ مدينه اها عظمت ماڻي جو هاڻي هن شهر ۾ رهڻ عافيت جي علامت ۽ ان ۾ مرڻ شفاعت جي ضمانت قرار ڏنو ويو، اچو! مديني جي حاضري جو شوق ۽ تڙپ وڌائڻ ۽ دل ۾ مَحَبَّتِ مدينه ۾ اِضافي جي نيت سان عظمتِ مدينه بابت 3 فرمانِ مصطفيٰ ٻڌون ٿا:

1۔ ارشاد فرمايائون: مديني ۾ داخل ٿيڻ وارن سمورن رستن تي ملائڪ مقرر آهن، ان ڪري ان ۾ طاعون ۽ دَجَّال داخل نه ٿيندا۔ (بخاری،کتاب فضائل مدینہ،باب لایدخل الدجال المدینۃ،۱ /۶۱۹،حدیث: ۱۸۸۰)