Book Name:Mahabbat-e-Madina
2۔ ارشاد فرمايائون: ان پاڪ ذات جو قسم! جنهن جي قبضهءِ قدرت ۾ منهنجي جان آهي، مديني جي هر وادي ۽ هر رستي تي ٻه ملائڪ مقرر آهن، جيڪي ان جي حفاظت ڪري رهيا آهن۔“ (مسلم ،کتاب الحج ،باب الترغیب فی سکنی …الخ ،ص ۵۴۸ ، حدیث:۱۳۷۴ملتقطاً) امام نَوَوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هن روايت ۾ مديني پاڪ جي فضيلت جو بيان آهي ۽ تاجدار رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زماني ۾ ان جي حفاظت ڪئي ويندي هئي ۽ ڪيترائي ملائڪ حفاظت ڪندا هئا ۽ انهن سڀني وادين کي سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عزت افزائي جي لاءِ گهيري رکيو آهي۔ (شرح مسلم للنووی، کتاب الحج، باب فضل المدينة…الخ،۵/۱۴۸، تحت الحدیث: ۱۳۷۴)
مدینہ مدینہ ہمارا مدینہ ہمیں جان و دل سے ہے پیارا مدینہ
سُہانا سُہانا دل آرا مدینہ دِیوانوں کی آنکھوں کا تارا مدینہ
مدینے کے جلوؤں کے قربان جاؤں خدا نے ہے کیسا سَنوارا مدینہ
پہاڑوں میں بھی حُسْن کانٹے بھی دِلکش بَہاروں نے کیسا نِکھارا مدینہ
بُلالیجئے اپنے قدموں میں آقا دکھا دیجئے اب تو پیارا مدینہ
(وسائل بخشش مرمم،ص۳۵۵)
3۔ مڪي ۽ مديني جي شهنشاھ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جيڪو مديني ۾ مري سگھي اهو اتي ئي مري ڇوته مان مديني ۾ مرڻ وارن جي شَفاعت ڪندس۔ (ترمذی،كتاب المناقب ،باب في فضل المدينه،۵/۴۸۳،حدیث:۳۹۴۳)
طَیْبَہ میں مَرکے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند سِیدھی سَڑک یہ شَہرِ شَفاعَت نگر کی ہے
(حدائقِ بخشش،ص۲۲۲)
مختصر وضاحت: اي حاجيو! هتي ئي مديني ۾ رهو ۽ هتي ئي پنهنجي جان ڏيو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته اکيون بند ڪري سِڌو جنت ۾ هليا ويندؤ ڇوجو هي اهو سڌو رستو آهي جيڪو گناهگار امتن جي شفاعت فرمائڻ واري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي مبارڪ شهر ڏانهن ويندو آهي.