Book Name:Mahabbat-e-Madina

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته عاشقن جي اِمام، اعليٰ حضرت مَولانا شاھ اِمام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مديني جي تاجدار، ٻنهي جھانن جي مالِڪ و مُختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دربارِ پُر انوَار جي حاضِري جي لاءِ ڪيترو بيقَرار رَهندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چاهين ها ته ڪجھ وقت کان پوءِ هن سَعادَت سان مُشَرَّف ٿي سگهيا ٿي پر محبتِ مدينه جيئن ته سندن جو سَرمايو ۽ مدينو شريف سندن جي منزل ۽ مقصد هو، تنهنڪري سَخت بيماري به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي درِ رسول جي حاضِري کان نه روڪي سگھي، مطلب ته اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي هڪ ئي ڌُن سُوار هئي ته بس ڪهڙي طرح به گنبذِ خضرا جي هڪ جَھلڪ ڏسي وٺان ۽ پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪيان، پوءِ چاهي منهنجي جان به هلي وڃي ته مون کي ڪا پَروا نه هوندي.  

مری خاک یاربّ نہ برباد جائے                                        پَسِ مَرْگ کر دے غُبارِ مدینہ

مَلائک لگاتے ہیں آنکھوں میں اپنی                                    شَب و روز خاکِ مزارِ مدینہ

رہیں اُن کے جَلوے بَسیں اُن کے جلوے                         مِرا دل بنے یادگارِ مدینہ

(ذوقِ نعت،ص ۲۱۲،۲۱۳)

عاشقِ رسول خاتون روئيندي روئيندي جان ڏني.

   اُمّ المؤمنين سيدتنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي بارگاھ ۾ هڪ خاتون حاضر ٿي عرض ڪيو: مونکي تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت جي مبارڪ قبر جي زيارت ڪرايو. حضرت سيدتنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا حجرو شريف کوليو ۽ ان عاشقِ رسول خاتون قبرِ انور جي زيارت ڪري روئيندي روئيندي جان ڏئي ڇڏي. (الشفاء،جزء:۲،ص ۲۳ از عاشقانِ رسول کی 130 حکایات،۱۴۰)

آپ کے عشق میں اے کاش کہ روتے  روتے

یہ نکل جائے مِری جان مدینے والے