Book Name:Mahabbat-e-Madina

جو ارادو ڪيو۔ (عرب شريف جا) عالم روڪيندا رهيا، پهريان ته اهو فرمايائون ته: ” توهان جي  طبيت گهڻي خراب آهي ۽ سفر به ڊگهو آهي! مون عرض ڪيو: جيڪڏهن سچ پڇو ته حاضريءَ جو اصل مقصد مدينه طيبه جي زيارت آهي ۽ ٻئي ڀيرا انهيءَ نيّت سان گھران نڪتو هئس۔ معاذالله جيڪڏهن اهو ارادو نه هجي ته حج جو لطف ئي ناهي۔ عالمن سڳورن وري اصرار ڪيو ۽ مونکي منهنجي صحت جي ياد ڏياري ته مون حديث پڙهي: مَنْ حَجَّ وَلَمْ یَزُرْنِیْ فَقَدْ جَفَانِیْ (کشف الخفاء،حرف المیم،۲/۲۱۸،حدیث:۲۴۵۸) يعني جنهن حج ڪيو ۽ منهنجي زيارت نه ڪئي ته ان مون سان بيوفائي ڪئي۔ (عرب شريف جي عالمن) چيو: توهان هڪ ڀيررو ته زيارت ڪري چڪا آهيو مون وراڻيو: ته مون وٽ حديث جو اهو مطلب ناهي ته زندگي ۾ ڪيترا به حج ڪجن ۽ زيارت هڪ ڀيرو ڪافي آهي بلڪ هر حج سان گڏ زيارت ضروري آهي۔ هاڻي اوهان دعا فرمايو ته مان سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تائين پهچي وڃان ۽ روضي اقدس تي هڪ نظر پئجي وڃي، پوءِ چاهي ان وقت ئي دم نڪري وڃي۔ (عاشقانِ رسول کی 130حکايات مع مکے مدينے کی زِيارَتيں،ص۱۴۵ملخّصاً)

      اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي هڪ ڪلام ۾ انهيء ڳالھ ڏانهن اشارو ڪندي فرمائن ٿا:

اُس کے طُفیل حج بھی خُدا نے کرا دِیئے

اَصلِ مُراد حاضِری اُس پاک دَر کی ہے

(حدائقِ بخشش ص۲۰۲)

 

مختصر وضاحت: اعلٰي حضرت فرمائن ٿا ته: يعني مونکان جيڪڏهن ڪو پڇي ته حج اصل آهي يا رسولِ پاڪ جي روضي اقدس جي حاضري؟ ته مان چوندس ته حضُور پاڪ جي روضي جي حاضري اصل آهي، انهيء جي صدقي الله پاڪ حج به ڪرائي ڇڏيندو آهي.

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد