Book Name:Mahabbat-e-Madina

آهن جنهن کي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا قدم شريف چمڻ جي سعادت ملي آهي ۽ جتي ملائڪ به پنهنجو مٿو رکڻ جي حسرت ڪندا آهن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جون جتي ٻيون کوڙ برڪتون آهن، اتي هڪ برڪت اها به آهي ته اهو سنتن ڀريو مدني ماحول مديني جو غم عطا ڪندو آهي، مديني جي غم ۾ روئڻ، تڙپڻ ۽ ان ۾ لڙڪ وهائڻ اهو به انهيء ماحول جي خاصيتن مان آهي، ڪثير اسلامي ڀائر جيڪي پهريان لندن ۽ پيرس جا خواب ڏسندا هئا، جيڪي رنگين ماحول ۽ رنگين فضائن جي تصور ۾ مست رهندا هئا، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهيء مدني ماحول انهن کي مديني جي خوشبودار فضائن جي محبت عطا ڪئي آهي ۽ اڄ هو لندن، پيرس ۽ نيويارڪ کي ڇڏي ديارِ حبيب جي جلوئن ۾ گم رهن ٿا۔ اوهان به انهيء مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ وارا بڻجي وڃو۔ 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني قافله“ به آهي۔

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني قافله“

       اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني قافِلن جي بَرَڪت سان خبر ناهي ڪيترن ماڻهن جي زندگين ۾ مَدَني انقلاب برپا ٿي چڪو آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي ۾ سفر ڪرڻ سان نيڪ ماڻهن جي صحبت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجد ۾ نَفلي اِعتڪاف ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان بي نمازين کي نمازن جي اَهمِّيت معلوم ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان کوڙ ديني مسئلا سکڻ جي سعادت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدن ۾ ذِڪر و اَذڪار، دَرس ۽ بَيانات جو سِلسِلو جاري رهندو آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدون آباد ٿينديون آهن۔ ٭ ۽ مسجدن کي آباد ڪرڻ جي ته ڇا ڳالھ ڪجي! حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن ڪو ٻانهو