Book Name:Mahabbat-e-Madina

منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اچو! شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”وضو جو طريقو“ مان پاڻي جي اسراف کان بچڻ بابت مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔

پاڻيءَ جي اسراف کان بچڻ بابت مدني گل

٭ اڄ تائين جيترو به ناجائز اِسراف ڪيو آهي، ان کان توبه ڪري آئنده بچڻ جي ڀرپور ڪوشش شروع ڪريو۔ ٭ غور ۽ فڪر ڪريو ته اهڙي صورت بڻجي وڃي جو وضو ۽ غسل به سنّت جي مطابق ڪجي ۽ پاڻي به گھٽ ۾ گھٽ خرچ ٿئي، پنهنجو پاڻ کي خوف ڏياريو ته قيامت ۾ هڪ هڪ ذري ۽ ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو۔ ٭ وضو ڪرڻ وقت ٽونٽي احتياط سان کوليو، وضوء جي دؤران ڪوشش ڪريو ته هڪ هٿ ٽونٽيءَ جي مٿان هجي ۽ ضرورت پوري ٿيڻ کانپوءِ هرهر ٽونٽي بند ڪندا رهو۔ ٭ ڏندڻ، گرڙي، گرڙو، نڪ جي صفائي، ڏاڙهي ۽ هٿن پيرن جي آڱرين جو خِلال ۽ مَسۡحۡ ڪرڻ وقت هڪ به ڦڙو نه ڪري ۽ ائين چڱيءَ طرح ٽونٽي بند ڪرڻ جي عادت بڻايو۔ ٭ خاص طور تي سياري ۾ وضو يا غسل ڪرڻ يا ٿانوَ ۽ ڪپڙا وغيره ڌوئڻ لاءِ گرم پاڻي حاصل ڪرڻ خاطر پائيپ ۾ جمع ٿيل ٿڌو پاڻي ائين ئي وهائي ڇڏڻ بدران ڪنهن ٿانوَ ۾ پهريان ئي ڪڍي وٺڻ جي ترڪيب بڻايو۔ ٭ پاڻي پيئڻ کان پوءِ گلاس ۾ بچيل ۽ کاڌو کائڻ کان پوءِ جڳ وغيره جو بچيل پاڻي هاري ڇڏڻ بدران ٻي ڪنهن کي پياري ڇڏيو يا ڪنهن ٻي ڪم ۾ استعمال ڪيو. ٭ بيت الخلا ۾ ڪَونرو استعمال ڪريو جو ڦوهاري سان پاڪائي ڪرڻ ۾ پاڻي به گهڻو کپندو آهي ۽ پير به اڪثر آلا ٿي ويندا آهن۔ ٭ ٽونٽيءَ مان جيڪڏهن قَطرَا ٽِمندا هجن ته جلد ان جو ڪو