Book Name:Mahabbat-e-Madina

حل ڳوليو نه ته پاڻي ضايع ٿيندو رهندو ۽ گهڻو ڪري مَسجدن ۽ مدرسن جون ٽونٽيون ٽِمنديون رهنديون آهن پر ڪو پُڇڻ وارو ڪونه هوندو آهي. اِنتظَامِيه کي پنهنجي ذميواري جو خيال ڪندي پنهنجي آخرت جي بهتري لاءِ جلد ڪا ترڪيب ڪرڻ گھرجي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده جمعرات ٿيندڙ دعوت ِاسلامي جي هفتيوار سنَّتن ڀري اجتماع ۾ اسان جنهن موضوع تي بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، اهو آهي” ناچاقين جو علاج“ جنهن ۾ آيتن ۽ حديثن جي روشني ۾ حاصل ٿيندڙ مدني گل، لڙائي جهڳڙي جا نقصان، ناچاقين جا سبب، انهن جون تباھ ڪاريون ۽ انهن جو حل به ٻڌڻ جي سعادت ماڻينداسين، بزرگن جا واقعا ۽ ٻيا کوڙ مدني گل بيان ڪيا ويندا،

لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد