Book Name:Mahabbat-e-Madina

مُڪرَّمه آهي، ۽ ان جو قسم ارشاد فرمائڻ جو سبب رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ان ۾ تشريف فرما هئڻ آهي۔ تفسيرِ صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري تحت جيڪو ڪجھ آهي ان جو خلاصو مدني گلن جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿو:

(1)     هن قسم مان رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي انتهائي تعظيم ۽ تڪريم جو بيان آهي۔

(2) الله پاڪ اهو شهر جيڪو ”بلد ِحرام“ ۽ ”بلد ِامين“ آهي ان جو قسم کنيو آهي، جڏهن کان حُضورِ اڪرم، سَروَرِ دوعالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن مبارڪ شهر ۾ جلوه فرما ٿيا تڏهن کان الله پاڪ وٽ اهو شهر معزز ۽ مڪرم ٿي ويو۔

(3)    انهيء مقام سبب هي مثال مشهور ٿيو ته ”شَرَفُ الْمَکانِ بِالْمَکينِ“ يعني مڪان جي بزرگي ان ۾ رهڻ واري سان ٿيندي آهي۔ (صراط الجنان، ۱۰/۶۷۹ ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عظت واري شهر جو قسم

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مڪي شريف جون سموريون فضيلتون پنهنجي جڳھ تسليم شده آهن، پر ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ بيت الله شريف آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ آبِ زم زم جو کوھ آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ مطاف(طواف ڪرڻ جي جڳھ) آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ حطيم (خانهءِ ڪعبه جي ٻاهرين ڀت جتي ميزابِ رحمت) آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ رڪنِ شامي آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ رڪنِ يماني آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ مستجاب آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ مستجار آهي،