Book Name:Mahabbat-e-Madina

عرصہ ہوا طیبہ کی گلیوں سے وہ گزرے تھے

اِس  وقت بھی گلیوں میں خوشبو ہے پسینے کی

 (2) امامِ مالڪ  رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  ۽ تعظيمِ خاڪ مدينه

حضرت سَيدُنا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون حضرت سيدنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دروازي تي خراسان ۽ مصر جا گهوڙا ٻڌل ڏٺا، ايترا اعليٰ قسم جا گهوڙا مون ڪڏهن به نه ڏٺا هئا۔ ان ڪري مون عرض ڪيو؛ اهي گهوڙا ڪيڏا نه عمدا آهن؟ فرمايائون؛ مان اهي سڀ توکي تحفي ۾ ڏيان ٿو، مون عرض ڪيو؛ پنهنجي لاءِ ته هڪ گھوڙو رکو۔ فرمايائون؛ مون کي الله پاڪ کان حياءُ ٿو ٿئي جو ان مبارڪ زمين کي پنهنجي گهوڙي جي پيرن هيٺان لتاڙيان جنهن ۾ الله جا رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما آهن۔  (احياء العلوم ،۱/۱۱۴ ملخصاً)

ہاں ہاں رہِ مدینہ ہے غافل ذرا تو جاگ                   او پاؤں رکھنے والے یہ جا چشم  و سر کی ہے

اللہُ اکبر! اپنے قدم اور یہ خاکِ پاک                       حسرت ملائکہ کو جہاں وَضْعِ سَر کی ہے

(حدائقِ بخشش،ص۲۱۷)

مختصر وضاحت: پهرين شعر ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مديني پاڪ  جي زيارت لاءِ ويندڙ عاشق کي نصيحت جا مدني گل ڏيندي فرمائن ٿا ته اي عاشقِ مدينه! ياد رک! تون ڪنهن معمولي هنڌ تي نه پيو وڃين بلڪ مديني جي سفر تي پيو وڃين، تنهنڪري غفلت کي ڇڏي ۽ عشقِ رسول سان سرشار ٿي هل ۽ ياد رک ته مديني جي راھ جي عظمت ته اها آهي جو ان تي پير رکي هلڻ بدران اکين ۽ مٿي ڀر هلڻ گھرجي۔

ٻي شعر ۾ مديني پاڪ جي مٽي سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله اڪبر!اسان جا قدم ان خاڪ پاڪ تي