Book Name:Mahabbat-e-Madina

ذِڪر ۽ نَماز جي لاءِ مسجد کي ٺڪاڻو بڻائيندو آهي ته الله پاڪ ان کان اهڙو خوش ٿيندو آهي جيئن ماڻهو پنهنجي گم ٿيل شخص جي واپس موٽڻ تي خوش ٿيندا آهن۔'' (ابن ماجه،ڪتا ب المساجد … الخ،با ب لزوم المساجد …الخ،۱/ ۴۳۸، رقم :۸۰۰)

اچو! ترغيب لاءِ مَدَني قافِلي جي هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا، جيئن

ٽنگن جي سور کان نجات ملي

          زم زم نگر حيدرآباد (باب الاسلام سندھ) جي اسلامي ڀاءُ جي ٽنگن ۾ شديد درد (Pain) رهندو هو جو اٿڻ ويهڻ مشڪل ٿي ويو هو۔ ان سور کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ ڏاڍا پيسا خرچ ڪيا۔ باب الاسلام سندھ کان علاوه پنجاب جي ڪيئي ڊاڪٽرن کان به علاج ڪرايائين پر ڪو فائدو نه ٿيو۔ هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ سان ان جي ملاقات ٿي وئي، ان گفتگو دوران اسلامي ڀاءُ سان پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪيو ته ان اسلامي ڀاءُ شفقت ڀري انداز ۾ انفرادي ڪوشش ڪئي ۽ ان کي مدني قافلي ۾ سفر جون برڪتون ٻڌائيندي چيائين ته اوهان ايترو علاج ڪرايو آهي، جيڪڏهن چاهيو ته هڪ ڪوشش اها به ڪري ڏسو، ان اسلامي ڀاءُ جون اهي ڳالهيون ان جي دل تي اثر ڪرڻ لڳيون ۽ هو 3 ڏينهن جي مدني قافلي جي لاءِ تيار ٿي ويو۔

 اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! جڏهن ان مدني قافلي ۾ سفر ڪيو ته اتي روئي روئي پنهنجي بيماري کان شفا جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪئي، ان جي دعا قبول ٿي ۽ مدني قافلي جي برڪت سان ان کي درد کان نجات ملي وئي۔

گرچہ بیماریاں، ہوں کہیں پتھریاں                           پاؤ گے صحّتیں ، قافِلے میں چلو

ہے شفا ہی شفا، مرحبا! مرحبا!                                   آکے خود دیکھ لیں، قافِلے میں چلو

دُور بیماریاں اور پریشانیاں                                       ہوں گی بس چل پڑیں، قافِلے میں چلو

سُن لے عطاّرؔ کی، اپنے غمخوار کی                               یہ ندا ”سب چلیں‘‘! قافِلے میں چلو

                                                               (وسائلِ بخشش مرمم،ص۶۷۳تا۶۷۵)