Book Name:Mahabbat-e-Madina

ذڪرِ مدينه جا فائدا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مديني جي محبت بابت اسان ٻڌي رهيا هئاسين، مديني جي ديوانن جي لاءِ ذڪرِ مدينه به هڪ نعمت کان گھٽ نه آهي، ڇوته ذِڪرِ مدينه دل ۽ جان کي تسڪين ڏيندو آهي، ذِڪرِ مدينه روح کي قرار ڏيندو آهي، ذِڪرِ مدينه ايمان کي حرارت ڏيندو آهي۔ ذِڪرِ مدينه محبتِ رسول ۾ اضافو ڪندو آهي، ذِڪرِ مدينه مديني جي الفت کي مزيد وڌائيندو آهي، ذِڪرِ مدينه شوقِ ديدارِ طيبه کي اڀاريندو آهي، ذِڪرِ مدينه ايمان کي وڌائيندو آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو دُنيا جي جيترين زبانن ۾ جيتري قدَر قصيدا مَدِينَهءِ مُنَوَّرَه جي جُدائي ۽ ان جي ديدار جي تمنّا ۾ پڙھيا ويا آهن، ايترا دنيا جي ڪنهن ٻي شهر يا خِطّي (سرزمين) جي لاءِ ناهن پڙهيا ويا، جن کي هڪ ڀيرو به مديني جو دِيدار ٿي ويندو آهي اهو پنهنجو پاڻ کي خُوش قسمت سمجھندو ۽ مديني ۾ گزاريل حَسين لمحن کي هميشه جي لاءِ يادگار قَرار ڏيندو آهي۔

وہ مدینہ جو کونین کا تاج ہے    جس کا دِیدار مومن کی معراج ہے

زندگی میں خدا ہر مسلمان کو    وہ مدینہ دکھادے تو کیا بات ہے

مديني کان عشق ڪيترو هئڻ گھرجي؟ مديني کان جدائي جي وَقت اسان جا جذبات ڪهڙا هئڻ گھرجن؟ ان جي لاءِ بزرگ سڳورن جي سيرت ۽ اُنهن جو ڪردار اسان جي لاءِ مثالي نمونو آهي۔ جيئن

مان آقا جو مدينو نه ڇڏيندس

خليفي هارونُ الرَّشيد حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇا ڪيائين: ڇا اوهان جو ڪو گھر آهي؟ فرمايائون: ”نه۔“ ته ان سندن جي خدمت ۾ 3 هزار  (Three Thousand)دِينار پيش ڪندي چيو ته ”هن مان گھر خريد ڪجو!“ حضرت امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دِينار وٺي رکي ڇڏيا ۽ انهن کي خرچ نه ڪيائون۔ جڏهن خليفو هارونُ الرَّشيد مديني مُنَوَّر مان وڃڻ لڳو ته ان امام