Book Name:Mahabbat-e-Madina
مديني جي سچي محبت عطا فرمائي۔ بار بار اتي جي باادب حاضري اسان جو مقدر فرمائي ۽ جڏهن اسان جو روح بدن کي ڇڏي رهيو هجي ته گنبذ خضرا جو سايو اسان جي اڳيان هجي، جلوهءِ مصطفيٰ اسان جي سامهون هجي ۽ بقيعِ پاڪ ۾ مدفن بڻجي وڃي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي تقريبًا 107 شعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي، انهن مجلسن ۾ هڪ ”مجلسِ خدام المساجد“ به آهي۔ هن مجلس تحت جن علائقن ۾ مسجدن جي حاجت هوندي آهي اتي مسجدون قائم ڪيون وينديون آهن، اها مجلس دراصل امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي مسجدن سان الفت ۽ محبت جو نتيجو آهي، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو اهو جذبو آهي ته مسجدن کي آباد ڪيو وڃي، ان جو اندازو هن ڳالھ مان به لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ ’’دعوتِ اسلامي‘‘ کي مسجد ڀريو تحريڪ قرار ڏنو آهي۔ پاڻ وقت به وقت هفتيوار اجتماعن ۽ مدني مذاڪرن ۾ مسجدن کي آباد ڪرڻ جي ترغيب ڏياريندا رهندا آهن۔ ڪاش اسان به امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي مدني سوچ جي مطابق مسجدون بنائڻ ۽ ماڻهن تي انفرادي ڪوشش ڪري مسجدن کي آباد ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔
ہو جائیں مولا مسجِدیں آباد سب کی سب
سب کو نَمازی دے بنا یا ربِّ مصطَفٰے
(وسائل بخشش مرمم،ص۱۳۱)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن