Book Name:Mahabbat-e-Madina

مالڪ  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ عرض ڪيو: ’’اوهان کي اسان سان گڏ هلڻو پوندو ڇوته مون عَزم (اِرادو) ڪيو آهي ته ماڻهن کي (حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتاب) ”مُؤطَّا“ تي گڏ ڪيان، جيئن اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عثمان بن عَفَّان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ماڻهن کي هڪ قرآن تي گڏ ڪيو هو۔“ پاڻ فرمايائون: ماڻهن کي صرف”مؤَطَّا“ تي گڏ ڪرڻ جو ته ڪو جواز ناهي ڇاڪاڻ ته الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ظاهري وصال کان پوءِ صحابَه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰه عَلَـيهمْ اَجْمَعِين مختلف شهرن ڏانهن هليا ويا، اتي انهن حديث سڳوريون بيان ڪيون، جنهن سبب مصر جي هر شخص وٽ حديثن جو عِلم آهي ۽ مُصطَفٰي جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به اِرشاد فرمايو ته ’’منهنجي اُمّت جو اِختلاف رحمت آهي۔“ (جامع الاصول فی احادیث الرسول لابن اثیر، الباب الرابع فی ذکر الائمۃ، الامام مالک،۱/۱۲۱) ۽ رهيو (مدينو پاڪ ڇڏي) توهان سان وڃڻ ته ان جي به ڪا صورت ناهي ڇوته فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي ته”مدينو اُنهن جي لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن اهي سمجھن۔“ (مسلم، کتاب الحج، باب فضل المدینۃ…الخ، ص۵۴۵،حدیث:۱۳۶۳) هڪ روايت ۾ آهي: مدينو پاڪ (گناهن جي) مير کي پري ڪندو آهي جيئن بٺي لوھ جو ڪٽ پري ڪندي آهي۔“ (مسلم، کتاب الحج، باب المدینۃ تففی شرارھا،ص۵۵۰،حدیث:۱۳۸۱۔حلیۃ الاولیاء،مالک بن انس،۶/۳۶۲، حدیث:۸۹۴۲) پوءِ خليفي هارونُ الرَّشيد کي فرمايائون: ”هي رهيا توهان جا دِينار چاهيو ته اهي کڻي وڃو ۽ چاهيو ته ڇڏي ڏيو۔“ يعني توهان مون کي ان ڪري مدينو ڇڏڻ تي پابند ڪيو ٿا ته توهان مون سان سٺو سُلوڪ ڪيو آهي ته (ٻُڌ!) مان مديني شريف تي دُنيا کي ترجيح ناهيان ڏيندو۔ (احياء العلوم،۱/۱۱۳)

مدینہ اِس لیے عطارؔ جان و دل سے ہے پیارا

کہ رہتے ہیں مِرے آقا مِرے سَروَر مدینے میں

(وسائل بخشش مرمم،ص۲۸۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس خدام المساجد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو گڏجي دعا ڪيون ٿا ته الله ڪريم اسان کي به