Book Name:Mahabbat-e-Madina

آهي، مسرت ۽ خوشي واري ڪيفيت بڻجي ويندي آهي، جڏهن ته ڪجھ جون   اکيون مديني جي سِڪ ۾ آليون ٿي وينديون آهن، مديني پاڪ جي جدائي ۾ آھ و زاري ڪئي ويندي آهي، محبت ۽ شوق جي عالم ۾ زبان تي بي اختيار مدينه مدينه جا لفظ اچي ويندا آهن۔ جي ها! اڄ اسان جي بيان جو موضوع آهي”مديني جي محبت“ يقيناً  هڪ سچو عاشق پنهنجي محبوب جي هر هڪ شيء سان محبت ڪندو آهي، ۽ جنهن شهر ۾ محبوب پاڻ تشريف فرما هجي سچي عاشق کي ته ان شهر جا ڪنڊا به عزيز هوندا آهن، مديني جو شهر اهو شهر آهي جتي خدا جا پيارا نبي، امت جا سهارا نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما آهن، اهو ئي سبب آهي جو عاشقانِ رسول هن شهر سان قلبي لڳاءُ رکندا آهن ۽ پنهنجي دلين ۾ مديني جي پاڪ، متبرڪ شهر جي لاءِ خاص الفت ۽ محبت رکندا آهن۔ الله پاڪ اسان کي به شهرِ حبيب جي محبت نصيب فرمائي۔ اڄ اسان مديني جي مَحبّت جا واقعا، مديني جي شهر جون فضيلتون ۽ ٻيا کوڙ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ الله ڪري جو اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔            اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

      اچو! سڀ کان پهريان اسان امامِ عشق و مَحبّت، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنّت مَولانا شاھ امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مديني سان محبت بابت هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  ۽ مَحبّتِ مدينه

       جيئن منقول آهي ته عاشق ماھِ رسالت، اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت،   امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ٻئي حج جي سفر ۾ حج جا رڪن ادا ڪرڻ کان پوءِ  سخت بيمار ٿي پيا، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ بيماري جي وڌي وڃڻ کان وڌيڪ فڪر مون کي سرڪار اعظم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حاضري جو هو۔ جڏهن بخار کي وڌندي ڏٺو ته مون انهيءَ حالت ۾ حاضريءَ