Book Name:Mahabbat-e-Madina

دولتِ عشق سے آقا مِری جھولی بھر دو

بَس یہی ہو مِرا سامان مدینے والے

                                                                               (وسائلِ بخشش مرمّم ، ص۴۲۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

گھر جي اهميت رهڻ وارن سان آهي

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان مديني جي محبت بابت ٻڌي رهيا هئاسين، هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته گھر جي اهميت ان ۾ رهڻ وارن سان هوندي آهي، گھر خالي هجي ته ويران رهندو آهي، ۽ جيڪڏهن ان ۾ رهڻ وارو ڪو معمولي ٻانهو هجي تڏهن به ان جي ڪا عظمت ناهي هوندي، پر جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ شهر جو ڪو معزز آفيسر رهڻ لڳي وڃي، جيڪڏهن ڪو وڏو ماڻهو ڪنهن گھر ۾ رهائش ڪري، جيڪڏهن ڪو وزير ۽ امير ڪنهن گھر جو رهائشي ٿي وڃي ته انهن گھرن جي اهميت به ويتر وڌي ويندي آهي، ان گھر جي اهميت ته وڌي ئي ويندي آهي اهو پاڙو ۽ علائقو به ماڻهن جو مرڪز بڻجڻ لڳندو آهي، اهو دنيا جي معمولي گھرن ۽ معمولي اهميت جي ماڻهن جو حال آهي، غور ڪريو! ته جتي مڪينِ لامڪان، تاجدارِ دوجهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما هجن ان هنڌ ۽ مڪان جي اهميت جو ڇا ته عالم هوندو۔

سيپاري 30سُوْرَۃُ الْبَلَد جي آيت نمبر1 ۽ 2 ۾ اِرشادِ باري تعالٰي آهي:

لَاۤ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۱) وَ اَنْتَ حِلٌّۢ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۲) (پ۳۰،البلد:۱،۲)             

ترجمو ڪنزالايمان: مونکي هن شهر جو قسم جو اي محبوب تون هن شهر ۾ تشريف فرما آهين.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مُفَسِّرن سڳورن جو هن ڳالھ تي اِجماع (اِتِّفاق) آهي ته هن آيتِ مُبارَڪه ۾ الله پاڪ جنهن شهر جو قسم کنيو آهي اهو مَڪهءِ