Book Name:Mahabbat-e-Madina
ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ مقامِ ابراهيم آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ حجرِ اسود آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ جبلِ صفا آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ مَروَه جبل آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ جبلِ ابي قُبَيس آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ مِنٰي جو ميدان آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ مزدلفه آهي، ان جو قسم ان ڪري ناهي کنيو ويو ته هن ۾ عرفات جو ميدان آهي، بلڪ شهرِ مڪي شريف جو قسم کڻڻ جو سبب اهو آهي ته هن شهر جي گهٽين رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مقدس نعلين کي چميو آهي۔
اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڇا خوب فرمائن ٿا :
وہ خدانے ہے مرتبہ تجھ کو دیا نہ کسی کو ملے نہ کسی کو ملا
کہ کلامِ مجید نے کھائی شہا تِرے شہر و کلام و بقا کی قسم
(حدائقِ بخشش، ص۸۰)
مختصر وضاحت: اي اسان جا آقا الله پاڪ اوهان کي اهو مرتبو عطا فرمايو آهي جيڪو نه ڪنهن ٻي کي نصيب ٿيو آهي ۽ نه قيامت تائين ڪنهن کي نصيب ٿيندو. تنهنجي شان اها آهي جو الله پاڪ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ اوهان جي مبارڪ شهر، اوهان جي مبارڪ گفتگو ۽ اوهان جي مبارڪ زندگي جو قسم کنيو آهي.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هتان کان اهو مدني گل به حاصل ٿيو ته جنهن شهر ۾ رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪجھ عرصو قيام فرمائن، ان شهر جو مقام اهو ٿي ويندو آهي جو الله پاڪ ان جا قسمَ کڻندو آهي، جڏهن ته مَدِينَه مُنَوَّرَه ته ان کان وڌيڪ بزرگي ۽ عظمت جو حقدار ٿيندو ڇوته جڏهن کان اسان