Book Name:Mahabbat-e-Madina

يادِ مدينه

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان مديني پاڪ جي محبت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، يقيناً هڪ سچي عاشق کي پنهنجي محبوب سان نسبت رکڻ واري هر هڪ شيء سان محبت هوندي آهي، شهرِ مدينه اسان جي محبوبِ ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آخري آٓرامگاھ آهي، ان ڪري هر عاشقِ رسول جي دل ۾ مديني جي محبت ضرور بي پناهه هوندي آهي۔ ڪيئي ان جي جدائي ۾ بيقرار نظر ايندا آهن، ڪيئي ان جي لاءِ آھ و زاري ڪندي نظر ايندا آهن، ڪيئي ان جي لاءِ روئيندي نظر ايندا آهن ۽ ڪيئي ان جي لاءِ تڙپندي نظر ايندا آهن۔ حضرت ِ علّامه مَولانا محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڪيتري پياري ڳالھ ارشاد فرمائي آهي:

نہیں روتے عُشّاق دنیا کی خاطِر

رُلاتی ہے ان کو تو یادِ مدینہ

                    (وسائلِ بخشش مرمم، ص۳۷۱)

      الله ڪري ته اسان به مديني جي محبت ۾ روئڻ وارا بڻجي وڃون۔ اچو! هڪ زبردست عاشقِ رسول بزرگ جي مديني سان مَحَبَّت ۽ اتي جي ادب جي باري ۾ 2 دلنشين واقعا ٻڌون ٿا،

(1)مديني سان مَحَبَّت جو انداز

      مالڪين جا عظيم پيشوا حضرت سَيدُنا امام مالِڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زبردست عاشقِ رسول ۽ مديني پاڪ جو تمام گھڻو ادب ڪرڻ وارا هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مديني ۾ رهڻ جي باوجود قضاءِ حاجت جي لاءِ حرمِ مدينه کان ٻاهر تشريف وٺي ويندا هئا ۽ حُدودِ حرم کان ٻاهر وڃي پنهنجي طبعي حاجت کان فارغ ٿيندا هئا۔ (بستان المحدثين ، ص۱۹)