Book Name:Dil Joii Kay Fazail

پاڻ فرمايائون: هڪ عورت جي ٻار جي ولادت جو وقت قريب آهي ۽ ان وٽ ڪو به نه آهي۔ عرض ڪيائين: جيڪڏهن اوهان راضي آهيو ته مان هلان ٿي۔ فرمايائون: ٺيڪ آهي تون ضروري سامان وغيره کڻي وٺ۔ جڏهن اتي پهتا ته پاڻ پنهنجي گھرواريء کي اندر موڪليائون ۽ پاڻ ان شخص وٽ ويهي رهيا۔ ان کي فرمايائون: باھ ٻار۔ ان باھ جلائي ته پاڻ ديڳڙي ان جي مٿي رکي ڇڏي۔ جڏهن کاڌو پچي ويو ته ٻئي پاسي ٻار جي ولادت به ٿي وئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي گھرواريء (Wife) اندران آواز ڏنو: اي امير المؤمنين! پنهنجي ساٿي کي پٽ جي خوشخبري ڏيو۔ جيئن ئي ان شخص لفظ ’’اميرالمؤمنين‘‘ ٻڌو ته ڊڄي ويو ۽ عاجزي سان ڪجھ پوئتي هٽي ويهي رهيو۔ پاڻ فرمايائون: ’’جيئن ويٺل هونئين ايئن ئي ويهي رهو۔ پوءِ پاڻ ديڳري کڻي پنهنجي زوجه کي ڏني ۽ فرمايائون: خاتون کي پيٽ ڀري کاراءِ۔ پوءِ پاڻ ان شخص کي به کائڻ جي لاءِ ڏنائون ۽ فرمايائون: سڀاڻي صبح مون وٽ اچجان مان تنهنجي ضرورتن کي پورو ڪندس۔ جڏهن هو شخص صبح اوهان وٽ آيو ته پاڻ ان جي ٻار جو وظيفو به جاري ڪيائون ۽ ان کي به مال وغيره عطا ڪيائون۔ (التبصرة ، المجلس التاسع والعشرون في فضل۔۔۔الخ، ج۱، ص۴۲۰)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو شان

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! سَيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪهڙي نموني هڪ پريشان حال جي دستگيري فرمائي ۽ ان جي دل جوئي جو سامان ڪيو. پنهنجي نگراني ۾ باھ روشن ڪرائي، پنهنجي هٿن سان ديڳڙي چڙهائي ۽ کاڌي جي ترڪيب ڪئي، پوءِ پاڻ ئي کاڌو ڪڍي پنهنجي زوجه محترمه جي ذريعي ان عورت جي لاءِ موڪليو۔ هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن جي پاڇي کان شيطان ڀڄندو هو۔ (بخاري، ڪتاب فضائل اصحاب النبي،باب مناقب عمر بن الخطاب،۲/۵۲۶، حديث: ۳۶۸۳) جي ها! هي اهي ئي فاروقِ اعظم آهن جن کي حضور نبي ڪريم،