Book Name:Dil Joii Kay Fazail
ڈُوب سکتی ہی نہیں موجوں کی طُغیانی میں
جس کی کَشتی ہو محمد کی نگہبانی میں
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
مجلس”اِزديادِ حُب“
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! نرمي ۽ دل جوئي جو عادي بڻجڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نرمي ۽ دل جوئي اوهان جي عادتن ۾ شامل ٿي ويندي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ اِسلام جون بهارون عام ڪرڻ جي لاءِ ڪم و پيش 107 شُعبن ۾ دِينِ اسلام جو پَيغام عام ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ ”مجلسِ ازدياد حب“ به آهي۔ v ”مَدَني انعام نمبر55 “ کي باقاعده تنظيمي طور تي عَمَلي جامو پارائيندي اهي پراڻا اسلامي ڀائر جيڪي اڳ ۾ ايندا هئا پر هاڻ نٿا اچن انهن کي مَدَني ماحول ۾ فَعال ڪري ”مسجد ڀريو تحريڪ“ ۾ شامل ڪرڻ، انهن کان پيشگي وَقت وٺي اِنفِرادي طور تي دُڪان، گھر يا دفتر وڃي ملاقات ڪرڻ، انهن کي سُنّتن ڀري اِجتماعن ۽ مَدَني مذاڪرن ۾ اچڻ جو ذهن ڏيڻ، اِجتماعي اِعتڪاف ۽ مَدَني ڪورسز (اِصلاحِ اَعمال ڪورس،فيضانِ نماز ڪورس وغيره) ڪرڻ جي ترغيب ڏيارڻ، مَدَني قافِلن ۾ سفرڪرائڻ، انهن جي گھرن ۾ مَدَني حلقي جي ترڪيب ڪرڻ، انهن کي مدرسةُ المدينه براءِ بالغان ۾ شرڪت ڪرائڻ، انهن جي خوشي، غمي،بيماري و فوتگي وغيره جي معامَلن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مشڪلات ۾ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطّاريه جي ترڪيب ڪرڻ وغيره هن مجلس جي مقصدن ۾ شامل آهي۔
الله ڪريم”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ کي مزيد ترقيون عطا فرمائي. اسان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي نيڪي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ