Book Name:Dil Joii Kay Fazail

ماڻهن سان حُسنِ سُلُوڪ سان پيش نه آيو ته هو توهان جا دشمن بڻجي ويندا توڙي جو اهي توهان جا ماءُ پيءُ ئي ڇو نه هجن۔ (امام اعظم کی وصيتيں،ص ۲۵) ٭ اولياءالله پنهنجي برائين ڪرڻ وارن بلڪ جاني دشمن سان به حُسنِ سلوڪ ڪندا آهن۔ (غيبت کی تباه ڪارياں، ص۳۴۲ ماخوذاً) ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان الله پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ماڻهن جي خوشي جو سبب آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان ملائڪن کي خوشي ٿيندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان مسلمانن جي طرفان ان شخص جي تعريف ٿيندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان شيطان کي ان سان رَنج پهچندو آهي۔ v حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان عمر وڌندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان رِزق ۾ برڪت ٿيندي آهي۔ (تَنبيه الغافِلين، ص ۷۳ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اگئين هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ!         آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي: لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد